پاڪستاني ڪرڪيٽر آصف علي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.
آصف علي جو چوڻ ھو ته ھو مداحن، ساٿي رانديگرن ۽ ڪوچز جو ٿورائتو آھي جن ھر وقت سندس ساٿ ڏنو.
سندس چوڻ ھو ته پنھنجن گھرڀاتين ۽ دوستن جو به ٿورائتو آھي جيڪي ورلڊ ڪپ دوران سندس نياڻي جي وفات جھڙن وقتن تي ساڻس گڏ رھيا.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بھترين بيٽر آصف علي جاري ڪيل پيغام ۾ لکيو ته اوھان سڀني جي طاقت کيس اڳتي وڌڻ جي ھمت ڏيندي آھي.
آصف علي جو چوڻ ھو ته ھو پنھنجو شوق جاري رکندي ڊوميسٽڪ ۽ ليگ ڪرڪيٽ کيڏندو رھندو.
آصف علي پنھنجي ڪيريئر ۾ 21 ون ڊي ۽ 58 ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪئي.