سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آھي ته پنجند تائين پاڻي پھچڻ ۾ 2 ڏينھن لڳندا، ڏسڻو پوندو ڪيترو پاڻي اچي ٿو، 9کان 11لک ڪيوسڪس پاڻي اچڻ جو چيو ويو آھي، سنڌ حڪومت ٻوڏ کي منھن ڏيڻ لاءِ انتـظام مڪمل ڪري ورتا آھن،بندن جي نگراني سخت ڪئي آھي، 2010 واري ٻوڏ گھڻو ڪجھه سيکاري وئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بندن ۽ بئراجن کي محفوظ رکڻو آھي، صورتحال مانيٽر ڪري رھيا آھن، پھرين ترجيح انساني زندگيون ۽ جانورن کي بچائڻ آھي، صورتحال کي ھر پاسي کان ڏٺو پيو وڃي، 2010 جي ٻوڏ دوران 11 لک 48 ھزار ڪيوسڪس پاڻي گذريو ھو.
چون ٿا ته ڪالا باغ ڊيم هجي ها ته ايڏو نقصان نه ٿئي ھا؟
ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه امڪاني ٻوڏ صورتحال بابت پريس ڪانفرنس دوران ھڪ صحافي سوال ڪيو ته” چون ٿا ته ڪالا باغ ڊيم هجي ها ته اڄ ايڏو نقصان نه ٿئي ها“، مراد علي شاهه جواب ڏنو ته اِها بي تڪي ڳالهه ۽ بي تڪو سوال آھي، پاڻي پنجاب جي جن ٽن درياهن پاڻي آيو آهي، اُهو ڪيئن ٿو روڪي سگهجي؟، ھن وقت پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال آھي، اھڙي صورتحال ۾ ڪالاباغ ڊيم تي ڳالھائڻ سٺي صحيح ناھي.
پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اين ڊي ايم اي وارا ٻڌائين پيا ته سنڌ ۾ 9 کان 11 لک ڪيوسڪس پاڻي اچي سگھي ٿو، اميد ھي ته گڊو وٽ ان کان گھٽ پاڻي ايندو، پاڻي کي تريمون کان گڊو بئراج تائين پھچڻ ۾ اڃا 2 ڏينھن لڳندا، اسان 9 لک ڪيوسڪس تائين پاڻي کي منھن ڏيڻ جي تياري ڪئي آھي، وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان چيف سيڪريٽري کي الرٽ رھڻ جي به ھدايت ڪئي وئي.
وڏي وزير طرفان ڪنٽرول روم جو دورو
وڏي وزير مراد علي شاهه نيو سڪريٽريٽ پھچي فلڊ ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو، جنھن دوران وڏي وزير کي پاڻي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ھن وقت تريمون وٽ 5 لک 50 ھزار 965 ڪيوسڪس پاڻي موجود آھي، تريمون کان گڊو تائين پاڻي جي پھچڻ ۾ ٻه ڏينھن لڳندا، بلوڪي وٽ ھن وقت 16 ھزار 290 ڪيوسڪس پاڻي موجود آھي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پھرين ترجيح آھي
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان چيف سيڪريٽري کي الرٽ رھڻ جي ھدايت ڪئي وئي، وڏي وزير جي ھدايت تي صوبي ۾ مختلف لائيو اسٽاڪ ۽ صحت ۽ ٻين کاتن کي سرگرم ڪيو ويو آھي.