رپورٽ: گل منير شيخ/چڪ
چڪ ويجھو مھر ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان چاچو ڀائٽيو قتل ٿي ويا، ڳوٺ عامل مھر ۾ ڪٻرا مهر ۽ قادراڻي جتوئي برداري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان ھڪ ڀيرو ٻيھر جھيڙو ٿي پيو، جنھن دوران ڌرين ھڪٻئي تي جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب مھر برادري جا 2 ڄڻا چاچو ڀائيٽو نثار پٽ وزير مھر ۽ ڏينڀو پٽ نظام مھر ٿڏي تي مارجي ويا.
جتوئي-مھر تڪرار تان وڌيڪ ٻن ڄڻن جي قتل بعد ڌريون ھڪ ڀيرو ٻيھر مورچابند ٿي ويون، ٻنهي ڌرين ۾ جديد ھٿيارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ جو سلسلو جاري آھي، تڪرار ۾ ھن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا 11-11 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن، علائقي واسين جو چوڻ آھي ته پوليس جھيڙي کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم ناھن کنيا، مھر جتوئي تڪرار سبب علائقو سڄو مڪمل طور نوگو ايريا بڻيل آھي.
ڌرين ۾ تڪرار ڪڏھن شروع ٿيو؟
ڊبليو ٽي اين سان ڳالهائيندي علائقي واسين ٻڌايو ته مھر ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ 1986ع ۾ تڪرار شروع ٿيو ھو، جنھن ۾ ھن وقت تائين 22 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن، ڌرين ۾ تڪرار مڇي جي تلاءَ تان شروع ٿيو ھو، ٻئي ڌريون تڪراري مڇي جي تلاءُ جي مالڪي جون دعويدار هيون.
چڪ سان تعلق رکندڙ ڳوٺاڻي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڌريون هڪٻئي تي جديد هٿيار استعمال ڪنديون آهن، علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهي ٿو.
قبائلي تڪرار علائقائي امن لاءِ تباهي آهن
ان حوالي سان ڊبليو ٽي اين مختلف ڳوٺاڻن سان رابطو ڪيو، جن ٻڌايو ته ڌرين ۾ تڪرار 39 سالن کان ھلي رھيو آھي، جنھن سبب علائقي جو امن متاثر ٿي رھيو آھي، سندن چوڻ ھو ته تڪرار سبب سندن جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي، پوليس تڪرار روڪرائڻ لاءِ ڪي به قدم ناھن کنيا، قبيلائي تڪرارن سبب علائقي جو امن متاثر ٿي رھيو آھي، تڪرار سبب ٻارڙا اسڪول به نٿا وڃي سگھن، پوليس ۽ انتظاميه ھن خوني تڪرار کي ختم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ته جيئن علائقو جو امن بحال ٿي سگھي.
سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن جو پسمنظر
واضح رھي ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي برادري تڪرار ھلندڙ آھن، شر-سيلرا تڪرار، ساوند سندراڻي ۽ ٻين ڌرين ۾ سالن کان تڪرار هلندا رهيا، جن جا مختلف وقتن تي جرڳائي سردارن وٽ جرڳا به ٿيا پر ڌرين ۾ سرچاءُ پوءِ به ٿي نه سگهيو.
اهي تڪرار ڪارنهن معاملن، زميني جي مالڪي، سڱاوتي تڪرار ۽ ٻين مسئلن تان شروع ٿيندا آهن ۽ سوين انساني جانيون ڳڙڪائي ويندا آهن.
جيتوڻيڪ سنڌ ۾ جرڳن تي عدالت طرفان پابندي لڳائي وئي آھي پر مختلف برادري تڪرارن جا نبيرا ڪري ڌرين کي کيرکنڊ ڪيو ويندو آھي.
اڪثر ھنڌن تي جرڳا ٿيڻ باوجود ڌرين ۾ ٻيھر جھيڙا ٿيندا آھن ۽ ڌريون ھڪٻئي تي اڳرائي جو الزام ھڻنديون آھن.