ڪراچي: سنڌ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ اداري (پي ڊي ايم اي) پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعليٰ سنڌ جي هدايت تي پي ڊي ايم اي سنڌ مختلف ضلعن ڏانهن امدادي سامان موڪلڻ شروع ڪيو آهي.
پي ڊي ايم اي موجب سکر، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور لاءِ امدادي سامان موڪليو ويو آهي، نوشهروفيروز، گھوٽڪي ۽ ڪشمور لاءِ امدادي سامان جلد روانو ڪيو ويندو.
پي ڊي ايم اي موجب امدادي سامان ۾ مڇر داڻيون، ميٽرس، هائجين ڪِٽس، فرسٽ ايڊ ڪِٽس، پاڻي جا ڪولر، پورٽ ايبل ٽوائلٽ، ترپال ۽ خيما شامل آهن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ڊي ايم اي امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ترت قدم کڻڻ ۾ سرگرم آهي، جڏهن ته درياهن جي صورتحال ۽ امڪاني خطرن جي مسلسل نگراني ڪري رهيو آهي.
پي ڊي ايم اي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ادارو شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جو عزم رکي ٿو، لاڳاپيل ادارن سان به مسلسل رابطي ۾ رهي ٿو.