صدام ڪولاچي/ڊبليو ٽي اين ڪراچي
افغان طالبان تحريڪ جي اڳواڻ هبت الله آخوندزاده ” مشاعرن کي منظم ڪرڻ“ جي عنوان سان هڪ نئون قانون جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ غزل جي شاعري تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ قانون ۾ غزل کي ”ڪوڙا جذبن تي ٻڌل مواد “ قرار ڏنو ويو آهي.
افغان طالبان جو نئون قانون نوجوان ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي تعريف ڪرڻ يا انهن وچ ۾ ڪي لاڳاپن توڙي دوستي جي دعوت کي به ڏوهه قرار ڏئي ٿو، هيءَ قانون جنهن کي آخونزاده جي منظوري کانپوءِ وزارت انصاف لاڳو ڪيو آهي، اهو شاعرن کي محبت، ناجائز خواهشن ۽ ڪوڙن جذبن تي ٻڌل ڪا به نظم لکڻ کان روڪي ٿو، قانون تحت طالبان جي حڪمن تي تنقيد کان روڪيو ويو آهي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن ٿيندو.
طالبان جو نئون قانون شاعرن کي پابند ڪري ٿو ته اُهي اهڙي شاعري ڪن جيڪا اسلامي عقيدن موجب هجي ۽ امت جي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط بڻائي، ”غير اسلامي نظرين“ جهڙوڪ ڪميونزم، جمهوريت، فيمينز ۽ قومپرستي کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو، قانون ۾ چيو ويو آهي ته شاعري ۾ اسلامي شعر، سنت نبوي يا عالمن جي شان ۾ توهين کان پاسو ڪيو وڃي، مسلم دنيا، ٻولين ۽ معاشرن جي ڪنهن به ريت توهين يا اُنهن کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو وڃي.
طالبان اڳواڻ اطلاعات ۽ ثقافت وارين وزارتن کي هيءَ قانون لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ هڪ نگران ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ شرعي حڪمن تي عمل ڪرائڻ واري وزارت، ”امر المعروف و نهي عن المنڪر“ ۽ عالمن جي شوريٰ جا نمائندا شامل هوندا ته جيئن شاعري جو محفلون ڪوٺائڻ کان اڳ ۽ بعد ۾ انهن ۾ استعمال ٿيل مواد جو جائزو وٺي سگهجي، جيڪڏهن مواد ۾ ڪو مسئلو آهي ته ان کي ٺيڪ ڪري سگهجي، ” مطلب سينسر ڪري سگهجي“.
اِها ڪميٽي شاعرن کي پابند بڻائيندي ته اُهي پنهنجي شاعري ۾ اسلامي معاشري جي ابتڙ هڪ لفظ نه لکن نه پڙهن، جيڪڏهن ڪير قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته ڪميٽي اُن جي نشاندهي ڪندي ۽ اسلامي قانون موجب سخت سزائون ڏيڻ جو اختيار رکي ٿي.
افغان طالبان اُن کان اڳ عورتن کي تي پابندي لڳائي هئي ته اُهي بنا برقعي جي ٻاهر نٿيون نڪري سگهن، جنهن سبب سرڪاري ادارن توڙي خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن افغانستان جي نگران حڪومت کي تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو هو.
افغان طالبان عالمي تنقيد باوجود پنهنجي سخت سوچ معاشري تي لاڳو ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيون پيا اچن، مبصرين طالبان جي هن نئين قانون کي اظهار جي آزادي تي راتاهو قرار ڏنو آهي، جڏهن ته افغان طالبان جي اهڙين پابندين سبب ڪابل جا وڏا وڏا شاعر ملڪ ڇڏڻ تي مجبور به ٿيا آهن.