پاڪستان ٽي ملڪي، ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ يو اي اِي کي 31 رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي، پاڪستاني ٽيم يو اي اِي کي ميچ کٽڻ لاءِ 208 رنس جو ھدف ڏنو، جيڪو يو اي اِي جي ٽيم حاصل نه ڪري سگھي ۽ 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽس جي نقصان تي 176 رنس ٺاھي سگھي
پاڪستان طرفان صائم ايوب 69 ۽ حسن نواز 59 رنس ٺاھي نمايان رھيا.
پاڪستان جي محمد حارث بيٽ ڀڃي ڇڏي
پاڪستان طرفان ماضي ۾ اوپنگ ڪندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث يو اي اِي خلاف ميچ ۾ ٻن بالن تي رڳو ھڪ رنس ٺاھي سگھيو، ھو ھڪ رنس ٺاھڻ بعد جنيد صديقي جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، پويلين واپس ويندي محمد حارث پنھنجي بيٽ زمين تي اڇلائي ڇڏي، جنھن سبب اھا ڀڄي پئي، سوشل ميڊيا تي ڪجھه مداحن لکيو ته محمد حارث بيٽنگ آرڊر تبديل ٿيڻ سبب مايوس آھي، ڪجھه ماڻھن لکيو ته محمد حارث کي پنھنجو رويو تبديل ڪرڻ گھرجي، محمد حارث افغانستان خلاف ميچ ۾ به رڳو 15 رنس ٺاھي آئوٽ ٿي ويو ھو
واضح رھي ته ھڪ انٽرويو دوران بابراعظم بابت سوال تي محمد حارث چيو ھو ته بابر اعظم کي اسٽرائيڪ ريٽ بھتر بڻائڻ گھرجي.
محمد آصف پاڪستاني بالرز تي ڪڙڪي پيو
ٽي ملڪي سيريز جي ٻي ميچ ۾ يو اي اِي جي ٽيم پاڪستان طرفان مليل 208 رنس جو ھدف حاصل نه ڪري سگھي ۽ 20 اوورز ۾ رڳو 176 رنس ٺاهي سگهي، گڏيل عرب امارات جي بيٽر محمد آصف ٽيم کي فتح ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، محمد آصف 35 بالن تي 77 رنس اسڪور ڪيون، ھو پاڪستان جي شھر لاھور ۾ پيدا ٿيو، پر ھن ڪرڪيٽ جي شروعات گڏيل عرب امارات مان ڪئي.
ٽي ملڪي سيريز جي شروعات کان اڳ پاڪستان، افغانستان ۽ يو اي ايِ جي ڪپتانن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، پريس ڪانفرنس دوران ھڪ صحافي افغانستان جي ٽيم جي ڪپتان راشد خان کان سوال ڪيو ته افغان ٽيم ايشيا جي ٻيو نمبر بھترين ٽيم آھي؟، جنھن تي پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا مسڪرائيندو رھيو، بعد ۾ سلمان علي آغا چيو ته ايشيا جي بھترين ٽيم بابت ھر ماڻھو جو پنھنجو خيال آھي، ھر ماڻھو پنھنجي راءِ جو اظھار ڪري سگھي ٿو.
شارجا اسٽيڊيم جي تاريخ جو سڀ کان وڏو اسڪور
پاڪستان شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو ٻيون سڀ کان وڏو اسڪور ٺاھي ورتو آھي، ٽي ملڪي سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم يو اي ايِ کي 208 رنس جو ھدف ڏنو، جيڪو شارجا اسٽيڊيم جو ٻيون نمبر سڀ کان وڏو اسڪور آھي، ان کان اڳ افغانستان شارجا اسٽيڊيم ۾ زمبابوي خلاف 215 رنس اسڪور ڪيون ھيون، جيڪو ان گرائونڊ جو سڀ کان وڏو اسڪور آھي، ھلندڙ سال يو اي ايِ جي ٽيم بھ بنگلاديش خلاف 206 رنس اسڪور ڪيون ھيون.