ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر آصف منگي موجب گذريل ڏينهن خيرپور ضلعي جي تعلقي گمبٽ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل عورت جو پوليس جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدارن ڀيڻ کي قتل ڪرڻ بعد پسٽل کڻي گهر مان نڪتا.
پوليس موجب واقعو گذريل ڏينهن ڪسان ڪالوني ۾ پيش آيو جتي چئن ٻارن جي ماءُ شازيا ناريجو کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، شروعاتي جاچ ۾ پوليس کي پتو پيو ته عورت کي ڪارنهن جي تهمت مڙهي قتل ڪيو ويو آهي.
گمبٽ ٿاڻي تي اي ايس آءِ غلام اصغر چاڪراڻي ڄاڻايو آهي ته مقتولا جي شازيا ناريجو جي قتل جو سندس ڀائرن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار فرار ٿيڻ ڪامياب ٿي ويا آهن.
سرڪاري مدعيت ۾ داخل ٿيل ڪيس ۾ فريادي اي ايس آءِ غلام اصغر چاڪراڻي ڄاڻايو ته معمول موجب گشت ڪري رهيا هياسين ته اطلاع مليو ته ڪسان ڪالوني ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڀائرن محمد صالح ۽ امام بخش ناريجو پنهنجي ڀيڻ شازيا ناريجو کي قتل ڪيو آهي.
پوليس پارٽي واقعي واري هنڌ ڪسان ڪالوني ۾ الهرکيو ناريجو جي گهر ڀرسان پهتي ته جوابدار امام بخش عرف امن ۽ محمد صالح ناريجو گهر مان نڪتا جن کي هٿ ۾ پسٽل هئا، جيڪي پوليس کي ڏسي سوڙهين گهٽين جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.
شازيا ناريجو قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ٽيم جوڙي آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري انجام تائين پهچايو ويندو.
مقتولا جي مڙس ۽ ڀائرن جا هڪٻئي تي قتل جا الزام
مقتولا جي مڙس الهرکيو ناريجو ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو ته منهنجي زال کي پنهنجي ڀائرن گهرو تڪرار تان قتل ڪيو آهي، پر ڪيس ۾ فريادي ناهي ٿيو، الهرکيو ناريجو پوليس کي به اهو ئي بيان ڏنو آهي ته سندس زال کي ڀائرن قتل ڪيو آهي.
قتل جي الزام هيٺ آيل شازيه جي ڀائرن جو موقف آهي ته سندن ڀيڻ کي مڙس الهرکيو ناريجو قتل ڪيو آهي، پوليس موجب ٻئي ڌريون هڪٻئي تي قتل جا الزام هڻي رهيون آهن. ڊي ايس پي گمبٽ ملهير پاتو ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو ته مقتولا عورت جي ٻارڙن پوليس کي ٻڌايو ته اسان جي ماءُ کي ماما قتل ڪري ويا آهن، مامن اسان کان ماءُ کسي ورتي، جنهن کانپوءِ سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا جاري آهن جلد پوليس جي تحويل ۾ هوندا.
هر سال ڪارنهن الزام ۾ 100 کان وڌيڪ عورتون قتل ٿين ٿيون
سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم هيٺ رت جي رشتن هٿان هر سال 100 کان وڌيڪ عورتون قتل ٿي وينديون آهن، سنڌ سهائي سٿ آرگنائزيشن جي 2022 جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ ڪارنهن جي الزام ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتون قتل ٿينديون آهن.
سنڌ سهائي سٿ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته 2022 ۾ صوبي اندر ڪارنهن الزام هيٺ 128 عورتون ۽ 48 مردن کي قتل ڪيو ويو، مجموعي طور تي سنڌ اندر ڪارنهن الزام هيٺ 176 عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويو، ڪشمور ۾ 23 عورتن سميت 27 انساني جانيون موت جو کاڄ بڻيون
ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو موجب جيڪب آباد ۾ 14 عورتون ۽ 12 مردن کي ڪارنهن معاملي تان قتل ڪيو ويو، شڪارپور ۾ 18 عورتن ۽ پنجن مردن کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو،گهوٽڪي ضلعي ۾ 14 عورتن ۽ ٽن مردن کي ڪارنهن معامري تان قتل ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ ڪُڌي رسم هيٺ قتل گهٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيو آهي