اسٽيل جي صنعت سان لاڳاپيل ادارن لاءِ اهم خبر سامهون آئي آهي، ايف بي آر وڌيڪ اسٽيل ٺاهيندڙ يونٽن، ميلٽرز، ري رولرز ۽ ڪمپوزٽ يونٽن جي استعمال ٿيندڙ بجلي تي 5 رپيا في يونٽ سيلز ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) اسٽيل يونٽن جي بجليءَ جي استعمال تي 5 رپيا في يونٽ سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت سيلز ٽيڪس جنرل آرڊر نمبر 16 آف 2026 ۾ وڌيڪ ترميم ڪئي آهي، جنهن تحت ٽن نون ادارن کي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
فهرست ۾ شامل ڪيل ادارن ۾ ڪي بي انٽرپرائزز، جي ايم بي اسٽيل فرنس ۽ راجپوت اسٽيل انڊسٽري شامل آهن.
ايف بي آر موجب، انهن ادارن جي اهليت جو تعين 31 جولاءِ 2026ع تي جاري ڪيل ايس آر او 1245(1)/2026 ۾ مقرر ڪيل معيارن تحت ڪيو ويو آهي. انهن معيارن ۾ اسٽيل جي شين جي تياري لاءِ استعمال ٿيندڙ اسڪريپ، بجلي جي يونٽن جي کَپت ۽ مخصوص ايڇ ايس ڪوڊز تحت اسڪريپ جي درآمد کي نظر ۾ رکيو ويو آهي.
ايف بي آر واضح ڪيو آهي ته ٽيڪس ڏيندڙن جي فهرست ۾ وقت بوقت تبديلي ڪري سگهجي ٿي. بورڊ يا لاڳاپيل ڪمشنر ان لينڊ روينيو جي سفارشن تي ڪنهن به رجسٽرڊ ٺاهيندڙ جي اهليت جو ٻيهر جائزو وٺي، ان کي فهرست ۾ شامل يا خارج ڪري سگهي ٿو.