لائیو دادو ۾ پسند جي شادي تان تڪرار، مبينا فائرنگ ۾ نوجوان قتل

فہرستِ مضامین

دادو (رپورٽ: ارباب رستماڻي): دادو ۾ پسند جي شادي تان پيدا ٿيل تڪرار دوران مبينا فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان قتل ٿي ويو، جڏهن ته مقتول جي وارثن جوابدارن خلاف ڪارروائي ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

ايسڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڀرسان مزمل ڪالوني وٽ مبينا فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب نوجوان ڪامران ولد ممتاز لنڊ مارجي ويو.

مقتول جي ڀاءُ پرويز الزام لڳائيندي چيو آهي ته والد جي پسند جي شادي تان پيدا ٿيل تڪرار سبب لنڊ برادري جي گلاب ولد ابراهيم لنڊ ۽ اسد فائرنگ ڪري سندس ڀاءُ کي قتل ڪيو.

واقعي بعد پوليس مقتول نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

ٻئي طرف مقتول جي وارثن ايس ايس پي دادو کان انصاف فراهم ڪرڻ ۽ مبينا جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں