خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽر) انڊس هاءِ وي باءِ پاس تي تيز رفتار ڪوچ پيادل ويندڙ پيرسن عورت کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت چيڀاٽجي فوت ٿي وئي.
حادثي کانپوءِ فوتي عورت جو لاش تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو.
فوتي عورت جي سڃاڻپ ميهڙ جي ڳوٺ گل محمد جتوئي واسڻ 70 ورهين جي امام زادي جتوئي طور ٿي آهي.
ٻئي طرف حادثي کانپوءِ ڪوچ ڊرائيور ڪوچ سميت موقعي تان فرار ٿي ويو.