ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ڪراچي ۾ پوليس جي ٻن يونٽن وچ ۾ ٿيل جهيڙي واري معاملي تي ايڊيشنل آءِ جي سخت ڪارروائي ڪندي 16 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس اختيارين موجب، ايڊيشنل آءِ جي ڊي آءِ جي سائوٿ جي انڪوائري رپورٽ جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي، جنهن تحت اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) جي 11 ۽ سينٽرل ضلعي پوليس جي 5 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ايس آءِ يو جي وڌيڪ غفلت سامهون آئي آهي، جڏهن ته ايس ايس پي ايس آءِ يو کان واقعي بابت تفصيل پڻ طلب ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب، تيموريا ٿاڻي جي حد ۾ شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري دوران سينٽرل ضلعي جي پوليس ۽ ايس آءِ يو جا اهلڪار آمهون سامهون ٿي ويا، جنهن دوران ٻنهي يونٽن وچ ۾ جهيڙو ٿيو.
واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.