سوشل ميڊيا تي ڪنهن کي گاريون ڏيڻ، تذليل ڪرڻ يا توهين جوڳيون پوسٽون شيئر ڪرڻ مهانگو پئجي سگهي ٿو. گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي اختيارين خبردار ڪيو آهي ته آن لائن توهين ۽ بدنامي جي ڪجهه ڪيسن ۾ قيد سان گڏ 5 لک درهم تائين ڏنڊ به ٿي سگهي ٿو.
رپورٽ موجب، اها وارننگ يو اي اي ۾ جاري ملڪ گير آگاهي مهم ”دي يو اي اي اِز سيف وِد يور ڊجيٽل اويئرنيس“ تحت ڏني وئي آهي، جنهن جو مقصد شهرين ۽ رهواسين ۾ انٽرنيٽ جي ذميواراڻي استعمال ۽ سائبر ڏوهن بابت شعور پيدا ڪرڻ آهي.
اها مهم گهرو وزارت، دبئي پوليس ۽ دبئي اليڪٽرانڪ سيڪيورٽي سينٽر جي سهڪار سان شروع ڪئي وئي آهي. آڪٽوبر ۾ سائبر سيڪيورٽي بابت جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي صلاح ڏني وئي آهي ته ڪا به پوسٽ يا تبصرو ڪرڻ کان اڳ ان جي ممڪن نتيجن تي غور ڪن.
مهم ۾ وفاقي قانون نمبر 34 سال 2021ع جي آرٽيڪل 43 جو حوالو ڏنو ويو آهي. رپورٽ موجب، ڪنهن شخص جي توهين ڪرڻ يا ان بابت اهڙي ڳالهه منسوب ڪرڻ، جنهن سبب کيس قانوني سزا يا عوامي تذليل کي منهن ڏيڻو پوي، لاڳاپيل حالتن ۾ قانوني ڪارروائي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. اهڙن ڪيسن ۾ 2 لک 50 هزار کان 5 لک درهم تائين ڏنڊ يا قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.
اختيارين موجب، جيڪڏهن اهڙو ڏوهه ڪنهن سرڪاري عهديدار يا سرڪاري خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخص خلاف سندس فرضن سان لاڳاپيل هجي ته سزا ۾ واڌ جي گنجائش پڻ موجود آهي.
اختيارين سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن تي زور ڏنو آهي ته هو ڊجيٽل پليٽ فارمن کي مثبت گفتگو، مهذب بحث ۽ اختلافِ راءِ جي اظهار لاءِ استعمال ڪن ۽ ذاتي حملن، تذليل ۽ توهين آميز ٻوليءَ کان پاسو ڪن.
آگاهي مهم جو مقصد رڳو آن لائن بدزباني روڪڻ نه، پر انٽرنيٽ فراڊ، سائبر ڏوهن ۽ مصنوعي ذهانت سميت جديد ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال بابت پڻ شعور وڌائڻ آهي.
اختيارين واضح ڪيو آهي ته ڊجيٽل پليٽ فارمن تي شايع ٿيندڙ مواد جي قانوني ذميواري به صارف تي لاڳو ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري فيس بڪ، انسٽاگرام يا ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ڪا به پوسٽ يا تبصرو ڪرڻ کان اڳ احتياط ڪرڻ ضروري آهي.