لائیو اي پاسپورٽ ٺھرائيندڙن لاءِ اھم خبر، جاري ٿيڻ جي تاريخ تبديل

فہرستِ مضامین

پاڪستان ۾ پاسپورٽ سروس کي جديد بڻائڻ لاءِ اهم تبديلي ڪئي وئي آهي، جنهن تحت مشين ريڊ ايبل پاسپورٽ بدران جديد اي پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو نئون نظام 15 آڪٽوبر بدران هاڻي 23 آڪٽوبر 2026ع کان شروع ٿيندو.

رپورٽ موجب، ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽس ملڪ جي سمورن پاسپورٽ آفيسن ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ اي پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

نئين پاليسي تحت 23 آڪٽوبر کان نوان پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ درخواست ڏيندڙن کي صرف اي پاسپورٽ جاري ڪيا ويندا.

نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصل خاني پڻ 14 آڪٽوبر تي جاري ڪيل نوٽيس ۾ نئين تاريخ جي تصديق ڪئي آهي.

اختيارين واضح ڪيو آهي ته اڳ ۾ جاري ٿيل مشين ريڊ ايبل پاسپورٽ پنهنجي مدي جي پڄاڻي تائين ڪارآمد رهندا، تنهن ڪري شهرين کي اهي فوري طور تبديل ڪرائڻ جي ضرورت ناهي.

اي پاسپورٽ نظام متعارف ڪرائڻ جو مقصد سفري دستاويزن جي سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ ۽ پاسپورٽ جي خدمتن کي جديد بڻائڻ آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں