سرڪاري ملازم تي تشدد واري ڪيس ۾ گرفتار تيسر ٽائون جي چيئرمين فرحان غني کي آزاد ڪيو ويو آھي، صوبائي وزير سعيد غني جي ڀاءُ ۽ تيسر ٽائون جي چيئرمين فرحان غني کي عدالت مان ضمانت ملڻ بعد آزاد ڪيو ويو، ڪيس مان دھشتگردي جا قلم به ختم ڪيا ويا، عدالت مان ضمانت ملڻ بعد فرحان غني جي ٽن ساٿين کي به آزاد ڪيو ويو.
فريادي ڪيس واپس وٺي ڇڏيو
صوبائي وزير سعيد غني جي ڀاءُ فرحان غني ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرائيندڙ سرڪاري ملازم سھيل ڪيس واپس وٺي ڇڏيو آھي، فريادي طرفان ڪيس ختم ڪرڻ بعد درخواست جاچ آفيسر وٽ جمع ڪرائي وئي، ان کان اڳ ڪيس مان دھشتگردي جا قلم به ختم ڪيا ويا ھئا، فريادي سھيل جاچ آفيسر وٽ درخواست جمع ڪرائي ته ھو ڪيس واپس وٺڻ چاھي ٿو.
فرحان غني ڪير آھي؟
فرحان غني صوبائي وزير سعيد غني جو ڀاءُ، پ پ اڳواڻ ۽ چنيسر ٽائون جو چيئرمين آھي، ذريعن موجب فرحان غني جو ايسٽ ضلعي ۾ وڏو رسوخ آھي، لنڪ روڊ تي ترقياتي ڪم ڪرائيندڙ ھڪ اداري جي اھلڪار کان کڏا کوٽڻ تي پڇا ڳاڇا دوران جھيڙو ٿي پيو ھو جنھن جو ڪيس فيروز آباد ٿاڻي تي داخل ڪري فرحان غني کي گرفتار ڪيو ويو آھي، فرحان غني به پنھنجي ڀاءُ سعيد غني وانگر ڪراچي شھر ۾ ٿيندڙ سياست ۾ سرگرم نظر اچي ٿو، فرحان غني جو خاندان ڪيترن ورھين کان پيپلزپارٽي کان سلھاڙيل آھي.
فرحان غني تي ڪھڙو ڪيس داخل ٿيو ھو؟
ڪراچي جي تيسر ٽائون چيئرمين فرحان غني تي ھڪ سرڪاري ملازم سھيل جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، فيروز آباد ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر ۾ حافظ سھيل موقف اختيار ڪيو ھو ته 22 آگسٽ تي ھو شاھراھ فيصل سروس روڊ تي فائبر ڪيبل وڇائڻ واري ڪم جي نگراني ڪري رھيو ھو ته 3 گاڏين ۾ 25 کان وڌيڪ ماڻھو پھچي ويا، جن ۾ فرحان غني، قمر احمد، شڪيل ۽ ٻيا شامل ھئا، جن اچڻ سان پڇيو ته ڪنھن جي اجازت سان کڏا کوٽي رھيو آھين؟، کين ٻڌايو ته سمورن ادارن جي اين او سي سان ڪم ٿي رھيو آھي، تنھن باوجود انھن ماڻھن تشدد ڪيو۽ پاسي واري ھڪ پيٽرول پمپ جي ڪمري ۾ بند ڪري مارڪٽ ڪئي ۽ مارڻ لاءِ ھٿيار پڻ ڏيکاريا.
ڀاءُ جي گرفتاري تي سعيد غني جو رد عمل
صوبائي وزير سعيد غني ڀاءُ فرحان غني جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي چيو ھو ته سندس ڀاءُ فرحان غني جو شاھراھه فيصل وٽ سھيل نالي ھڪ شخص سان جھيڙو ٿي پيو ھو، جنھن بعد فرحان غني پنھنجي ساٿين سان گڏ پاڻ گرفتاري ڏني آھي، سعيد غني چيو ته فرحان خلاف ڪيس بھ داخل ڪيو ويو آھي، ھو ان کي قانوني طور منھن ڏيندا.