ٽرمپ جو ايران ۾ زميني فوج ۽ جوھري حملي کان انڪار، ھاڻي آمريڪا جي حڪمت عملي ڪھڙي ھوندي؟

فہرستِ مضامین

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج مقرر ڪرڻ ۽ جوهري هٿيار استعمال ڪرڻ جا امڪان رد ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته آمريڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب پينٽاگون ايران جي توانائي جي بنيادي ڍانچي ۽ جوهري تنصيبات کي نشانو بڻائڻ لاءِ نون حملن جي منصوبن تي غور ڪري چڪو آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيوز ميڪس کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هو ايران ۾ آمريڪي زميني فوج مقرر ڪرڻ جي حق ۾ نه آهن. هن جوهري هٿيارن جي خاتمي واري معاملي تي ڳالهائيندي ٻڌايو ته آمريڪا ان حوالي سان روس ۽ چين سان پڻ ڳالهين ۾ مصروف آهي.

ٽرمپ جا اهي بيان اهڙي وقت سامهون آيا آهن، جڏهن آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته آمريڪي فوج ايران خلاف ممڪن نون حملن جي منصوبابندي ڪري رهي آهي.

رپورٽن موجب انهن منصوبن ۾ ايران جي توانائي جي بنيادي ڍانچي ۽ جوهري تنصيبات کي نشانو بڻائڻ لاءِ آمريڪا جي سڀ کان وڏي غير جوهري بم جي استعمال جو امڪان پڻ غور هيٺ رهيو آهي.

جڏهن ته ٽرمپ واضح ڪيو آهي ته آمريڪا ايران خلاف جوهري هٿيار استعمال نه ڪندو ۽ نه ئي اتي آمريڪي زميني فوج موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں