رياض (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خطري جو سائرن ٻڌڻ شرط ننڍڙي ڀيڻ کي خوف کان بچائڻ لاءِ ڀاءُ جا آٿت ڏيندڙ لفظ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا، سعودي ٻار عبدالله جي پنهنجي ڀيڻ اميره کي ڏنل تسليءَ واري وڊيو ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي.
العربيه نيٽ موجب، گهر اندر رڪارڊ ٿيل وڊيو ۾ عبدالله پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ اميره سان گڏ ويٺل نظر اچي ٿو. سائرن جو آواز ٻڌڻ شرط هو ڀيڻ ڏانهن متوجه ٿئي ٿو ۽ کيس چوي ٿو ته ”ڊڄ نه، ڊڄ نه، خدا جو قسم ڪجهه به نه ٿيندو، اسان سعودي عرب ۾ آهيون، تون خوف نه ڪر.“
سوشل ميڊيا صارفين عبدالله جي معصوم انداز ۽ ڀيڻ لاءِ محبت کي ساراهيو آهي. ڪيترن ئي ماڻهن سندس جملي ”اسان سعودي عرب ۾ آهيون“ کي خاص طور تي اجاگر ڪندي چيو ته هي منظر ڀاءُ ڀيڻ جي رشتي ۾ تحفظ، محبت ۽ همدردي جي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو.
ٻار جي والد فيصل العتيبي موجب، اهو منظر بلڪل فطري هو. هن چيو ته هو پنهنجي پٽ جو سعودي عرب جي دفاعي نظام تي اعتماد مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي ٻارن ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ قيادت تي اعتماد جو احساس پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.
عبدالله العربيه نيٽ کي ٻڌايو ته هو پاڻ نه ڊنو هو، پر کيس خدشو هو ته سندس ڀيڻ خوفزده ٿي روئڻ شروع نه ڪري. ٻئي طرف اميره ٻڌايو ته شروعات ۾ هوءَ ڊڄي وئي هئي، پر پنهنجي ڀاءُ جون ڳالهيون ٻڌي پرسڪون ٿي وئي. هن چيو ته هاڻي هوءَ ميزائلن کي آتشبازيءَ وانگر ڏسندي آهي ۽ اهي کيس خوفناڪ نٿا لڳن.
رپورٽ موجب، سعودي عرب ۾ خطري جي سائرن ۽ حفاظتي قدمن بابت آگاهيءَ جي حوالي سان هي وڊيو وڏي پيماني تي شيئر ڪئي پئي وڃي. اختيارين طرفان شهرين کي هدايت ڪئي ويندي آهي ته سائرن ٻڌڻ تي پرسڪون رهن، لاڳاپيل ادارن جي هدايتن تي عمل ڪن، عمارتن اندر محفوظ هنڌن تي منتقل ٿين ۽ دريائن توڙي کليل هنڌن کان پري رهن.