سنڌو درياھ ۾ وڏي ٻوڏ جو خدشو، سنڌ حڪومت سپر فلڊ کي منھن ڏيڻ لاءِ تياري ڪري پئي: ڄام خان شورو

فہرستِ مضامین

پنجاب جي ٽن درياھن ۾ چاڙھ بعد سنڌو درياھ ۾ وڏي ٻوڏ جو خدشو ظاھر ڪيو ويو آھي، ڊپٽي ڪمشنر راجنپور  شفقت اللھ مشتاق جو چوڻ آھي تھ سنڌو درياھ ۾ بھ وڏي ٻوڏ جو خدشو آھي، جنھن سبب ھيٺانھين وارن علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن جي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقلي جاري آھي، سنڌو درياھھ ڀرسان فلڊ رليف ڪيمپون بھ قائم ڪوين ويون آھن، ھن چيو تھ صحت، لائيو اسٽاڪ ۽ ريسڪيو ٽيمون بھ سرگرم ٿي ويون آھن، ڪچي واري علائقي ۾ پوليس اھلڪار بھ ريسڪو جي ڪم ۾ حصو وٺي رھيا آھن.

سنڌ حڪومت سپر فلڊ کي منھن ڏيڻ جي تياري ڪري رھي آھي: ڄام خان شورو

سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو آھي تھ پنجاب ۾ پيدا ٿيل صورتحال بعد سنڌ حڪومت سپر فلڊ کي منھن ڏيڻ جي تياري ڪري رھي آھي، سمورن بندن تي صوبائي وزيرن جون ڊيوٽيز لڳايون ويون آھن، ھڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالھائيندي صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو تھ ھو ٻوڏ واري صورتحال کي مانيٽر ڪري رھيا آھن، ھميشھ ائين ٿيندو آھي تھ پنجند تائين پھچڻ کان اڳ ئي پاڻي گھٽجي ويندو آھي، پر پاڻي پنجند تائين پھچڻ کانپوءِ بھ سنڌ حڪومت وٽ ٻن ڏينھن جو وقت ھوندو.

سنڌ ۾ رليف ڪيمپس لاءِ ھنڌن جي نشاندھي

صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو تھ ھنن وٽ بندن کي ڪٽ لڳائڻ جو آپشن ناھي، سنڌ ۾ جيڪڏھن بند ٽٽي پيا تھ پاڻي آبادي ۾ داخل ٿي ويندو، سکر بئراج جو اسٽرڪچر بھ پراڻو آھي  ان جي مرمت ڪئي پئي وڃي.، سمورن بندن جي نگراني ڪئي پئي وڃي، ھو سکر ۾ موجود آھي، جڏھن تھ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن ڪيمپس لڳائڻ لاءِ ھنڌن جي نشاندھي ڪئي آھي.

سنڌ جي بئراجن ۾ ڪيتري گنجائش موجود آھي؟

سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري جو چوڻ آھي تھ ھو ٻوڏ واري صورتحال کي مانيٽر ڪري رھيا آھن، ھميشھ ائين ٿيندو آھي تھ پنجند تائين پھچڻ کان اڳ ئي پاڻي گھٽجي ويندو آھي، پر پاڻي پنجند تائين پھچڻ کانپوءِ بھ سنڌ حڪومت وٽ ٻن ڏينھن جو وقت ھوندو، ھن چيو تھ گڊو بئراج جي گنجائش 12 لک، سکر بئراج جي 9 لک 60 گزار ڪيوسڪس ۽ ڪوٽڙي بئراج جي گنجائش 8 لک 70 ھزار ڪيوسڪس آھي.

سنڌ جي ڪچي ۾ ڪھڙي صورتحال آھي؟

پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ سنڌو درياھھ ۾ مسلسل چاڙھھ بعد سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، نوشھري فيروز ۽ خيرپور جي ڪچي ۾ پاڻي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو، درياھھ ۾ چاڙھھ سبب ڪچي طرف ايندڙ ويندڙ رستا بھ پاڻي ھيٺ اچي ويا، جنھن سبب ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو بھ ڪٽجي ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں