ججز جي گھرن ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون، ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن معافي وٺي ڇڏي

فہرستِ مضامین

سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ججز جي گھرن ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون تي ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن عدالت ۾ پيش ٿي معافي ورتي آھي.

برساتن بعد ججز جي گھرن ۾ بجلي بند ھجڻ واري معاملي تي عدالتي نوٽيس بعد ڪي اليڪٽرڪ عملدار سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، جنھن دوران ججز جي گھرن ۾ بجلي بند ھجڻ تي معافي بھ ورتي وئي، ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن ٻڌايو تھ بجلي جي بريڪ ڊائون ۽ فالٽ کان بچڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آھي، انھن علائقن ۾ مقرر آفيسرن جا نمبر ۽ نالا فراھم ڪيا ويا آھن.

ڪوتاھي ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي

ڪي اليڪٽرن جي اختيارين سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو تھ ڪجھھ آفيسرن جون بدليون ٿي ويون آھن، جڏھن تھ جن آفيسرن ڪوتاھي ڪئي، انھن خلاف ڪارروائي ٿيندي، کين شھرين جي پريشاني جو احساس آھي،  22 آگسٽ تي ايڊيشنل رجسٽرار ڪو آرڊينيشن پاران ڪي اليڪٽرڪ جي ايم ڊي کي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.

ججز جي گھرن جي بجلي ڪڏھن بند ٿي ھئي؟

ويهه آگسٽ تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات بعد مختلف علائقن جي بجلي بند ٿي وئي هئي، مسلسل 16 ڪلاڪن تائين بجلي بند ھجڻ خلاف شھرين احتجاج بھ ڪيو ھو، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو ھو تھ برسات سبب شھر جا  555 فيڊر ٽرپ ٿي ويا آھن، جنھن ڪري بجلي بند ٿي آھي.

ڪي اليڪٽرڪ بجلي فراھم ڪرڻ جي پابند آھي: نوٽيس

20آگسٽ تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات بعد ڪيترن ئي علائقن جي بجلي بند ٿي وئي ھئي، 22 آگسٽ تي ايڊيشنل رجسٽرار ڪو آرڊينيشن پاران ڪي اليڪٽرڪ جي ايم ڊي کي نوٽيس جاري ڪيو ويو ھو، نوٽيس ۾ چيو ويو ھو تھ ڪي اليڪٽرڪ نيپرا قانون تحت شھرين کي بجلي فراھم ڪرڻ جي پابند آھي، نوٽيس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي اختيارين کان بجلي بند ھجڻ واري معاملي تي جواب طلب ڪيو ويوھو، جنھن بعد عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

ڪي الريڪٽرڪ جا آفيسر ٻن ڀائرن جي موت جا ذميوار قرار

ويهه آگسٽ تي ڪراچي جي علائقي ناٿا خان ڳوٺ ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ڀائر فوت ٿي ويا آھن، جن جي وارثن ڪيس داخل ڪرايو ھو، پوليس طرفان عدالت ۾ شروعاتي جاچ رپورٽ جمع ڪرائي وئي، جاچ رپورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي ۽ ٻين کي ذميوار قرار ڏنو ويو ھو، جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو ھو تھ ھي حادثو ڪي اليڪٽرڪ عملدارن جي غفلت سبب پيش آيو آھي.

لوڊشيڊنگ خلاف درخواست ٻڌڻ کان معذرت

12آگسٽ تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنھن دوران بينچ جي سربراھھ جسٽس اقبال ڪلھوڙو درخواست جي ٻڌڻي کان معذرت ڪئي ھئي، جسٽس اقبال ڪلھوڙي جي بينچ کان ڌار ٿيڻ بعد معاملو چيف جسٽس ڏانھن اماڻيو ويو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں