ڊجيٽل ترقي؛ سنڌ حڪومت جو چين ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت چين ۾ سنڌ انويسٽمينٽ اينڊ ٽريڊ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کي سنڌ ۽ چين وچ ۾ معاشي سهڪار وڌائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.

ڪانفرنس 15 آڪٽوبر تي شنگهائي ۾ ٿيندي، جنهن ۾ چيني سيڙپڪار، ڪاروباري اڳواڻ ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل نمائندا شرڪت ڪندا.

وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندو ۽ چيني سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ موجود ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي موقعن بابت آگاهه ڪندي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندو.

ڪانفرنس دوران توانائي، مينوفيڪچرنگ، اليڪٽرڪ گاڏين، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت (AI) جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ سهڪار جي امڪانن تي غور ڪيو ويندو.

ان کان علاوه زراعت، فوڊ پروسيسنگ، لاجسٽڪس ۽ ويئر هائوسنگ جي شعبن ۾ پڻ چيني سيڙپڪارن کي موقعا فراهم ڪرڻ بابت تجويزون پيش ڪيون وينديون.

سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته چيني سيڙپڪارن کي ڪاروباري سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ صوبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي.

شنگهائي ۾ ٿيندڙ هي ڪانفرنس سنڌ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري، جديد ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي ترقي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۽ چين وچ ۾ معاشي سهڪار جو نئون باب کولڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں