پنجاب ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 6 لک کان وڌيڪ ماڻھو متاثر ٿيا آھن ۽ مختلف واقعن دوران 15 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن.، ڀارت طرفان اضافي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۽ برساتن سبب پنجاب جي درياھن ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آھي،ل پي ڊي ايم اي پنجاب جي ترجمان جو چوڻ آھي تھ چناب درياھھ ۾ ھيڊ مرالا وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ آھي، ترجمان موجب چناب درياھھ ۾ ھيڊ مرالا وٽ پاڻي جي آمد ھڪ لک 91 ھزار ڪيوسڪس جڏھن تھ ڇوڙ ھڪ لک 85 ھزار ڪيوسڪس آھي.
ترجمان جو چوڻ ھو تھ چناب درياھھ ۾ مرالا وٽ پاڻي جي وھڪرن ۾ گھٽتائي ٿي آھي، جڏھن تھ خانڪي وٽ مٿانھين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آھي، چناب درياھھ ۾ خانڪي وٽ پاڻي جو وھڪرو 8 لک 59 ھزار ڪيوسڪس آھي، جڏھن تھ قادرآباد وٽ پاڻي جو وھڪرو 9 لک 96 ھزار ڪيوسڪس آھي، پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب راوي درياھھ ۾ جسڙ وٽ مٿانھين درجي جي ٻوڏ برقرار آھي، اتي پاڻي جو وھڪرو ھڪ لک 39 ھزار ڪيوسڪس تائين پھچي ويو آھي، راوي درياھھ ۾ شاھدرا وٽ پاڻي جو وھڪرو ھڪ لک 55 ھزار ڪيوسڪس آھي، ستلج درياھھ ۾ گنڊا سنگھھ والا وٽ مٿانھين درجي جي ٻوڏ ۽ وھڪرو 2 لک 61 ھزار ڪيوسڪس ٿي ويو آھي، ھيڊ سليمانڪي وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آھي.
پنجاب ۾ ٻوڏ دوران 15 ڄڻا فوت
پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ دوران مختلف واقعن ۾ 15 ڄڻا فوت ٿيا آھن، گوجرانوالا ڊويزن ۾ ٻوڏ جي وھڪرن دوران 7 ڄڻا فوت ۽ 3 گم ٿي ويا آھن، گجرات ۾ 3، سيالڪوٽ ۾ 2، نارووال ۽ گوجرانوالا ۾ 2 ڄڻا فوت ٿيا آھن.سيالڪوٽ جي علائقي سمبڙيال ۾ ٻوڏ جي وھڪرن دوران 3 ڄڻا گم ٿي ويا آھن، ٻئي طرف رليف ڪمشنر طرفان سمورن ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي فيلڊ ۾ موجود رھڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي.
سنڌ ۾ڪھڙي صورتحال آھي؟
سنڌ جي آبپاشي عملدارن پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ بعد سنڌو درياھھ ۾ بھ چاڙھھ جو خدشو ظاھر ڪيو آھي.، گدو بئراج جي انجنيئر ڌنيش ڪمار جو چوڻ آھي تھ پنجاپ ۾ بچاءُ بندن کي ٽوڙيو ويو آهي، جنهن سبب پاڻي جو زور ٽٽي پوندو، ان سان پاڻي درياھ مان نڪري ٻيو رستو وٺندو، 3 سيپٽمبر تائين گڊوبئراج وٽ پاڻيءَ جا وھڪرا 6 لک 30 ھزار ڪيوسڪس تائين پھچڻ جا امڪان آھن، عملدارن موجب 4 سيپٽمبر تي سکر بئراج وٽ وھڪرا 5 لک 60 ھزار ڪيوسڪس تائين پھچڻ جا امڪان آھن.
گڊو بيئراج وٽ گذريل 12 ڪلاڪن دوران 2 ھزار ڪيوسڪس جي معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آھي، گڊو بيئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 33 ھزار 361 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وهڪرو 3 لک 232 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، گڊو وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آهي، سکر بئراج وٽ گذريل 12 ڪلاڪن ۾ پاڻي جي سطح ۾ 11 ھزار ڪيوسڪ جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 66 ھزار 370 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 12 ھزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪوٽڙي بئراج وٽ گذريل 12 ڪلاڪن دوران پاڻي وھڪرن ۾ 3 ھزار ڪيوسڪ پاڻي جي واڌ ريڪارڊ ڪئي وئي، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 44 ھزار 25 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 11 ھزار 870 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ فوڪل پرسن مقرر
وڏي وزير مراد علي شاھھ پنجاب جي ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ ۾ ڪنھن بھ امڪاني صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ صوبائي وزيرن کي فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو تھ فوڪل پرسن پنھجن علائقن ۾ درياھ جي صورتحال جي نگراني ڪندا، صوبائي وزير محمد بخش مھر، ڄام اڪرام اللھ ڌاريجو، مڪيش ڪمار چاولا، ناصر شاھھ ۽ محمد علي ملڪاڻي کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو.
ملڪ ۾ برسات جي اڳڪٿي
موسميات کاتي 30 آگسٽ کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آھي، موسميات کاتي موجب تھ 29 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آھي، موسميات کاتي موجب ڪشمير، مري، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪڪر وسي سگھن ٿا، موسميات کاتي موجب خيبرپختونخوا، گلگت ۽ آزاد ڪشمير ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو بھ خطرو آھي، ٻئي پاسي اترين علائقن ۾ برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙھھ جو خدشو آھي…