خيرپور رياست جو آخري حڪمران مير علي مراد خان ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو

فہرستِ مضامین

خيرپور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي رياست خيرپور جي آخري حڪمران هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپر 93 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويا. سندس لاڏاڻي جي تصديق وارثن ڪئي آهي.

وارثن موجب مير علي مراد خان ٽالپر سکر جي ايس آءِ يو ٽي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئا، جتي هنن دم ڏنو.

مير علي مراد خان ٽالپر 29 جون 1933ع تي انگلينڊ جي شهر برائٽن سسڪس ۾ پيدا ٿيا. هن ابتدائي تعليم سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي، جڏهن ته اعليٰ تعليم برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.

ڊپٽي ڪمشنر موجب اڳوڻي رياست خيرپور جي آخري حڪمران هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپر جي لاڏاڻي تي اڄ ضلعي ۾ عام موڪل هوندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں