سنڌ اسيمبلي جَي ميمبرن جي پگهار ساڍا چار لک مقرر ڪرڻ جِي منظوري ڏني وئي آهي ۽ اِها منطوري صوبائي اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي ڏني آهي.
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه ميمبرن جي پگهارن مامرو خصوصي ڪميٽي ڏانهن اماڻيو هو، جنهن ڪميٽي پگهارن ۾ واڌ جِي منظوري ڏني، اُن جي صدارت به اويس قادر شاهه ڪئي.
ڪميٽي اجلاس ۾ قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار سميت پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم پاڪستان، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جَي حامي ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي محمد فاروق پگهارن ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي.
ياد رهي ته هلندڙ مهيني پارلياماني مامرن واري وزير ضياءَ الحسن لنجار اسيمبلي ميمبرز جي پگھارن ۽ مراعتن ۾ واڌ بابت سيلريز اينڊ الائونس بل 2025 پيش ڪيوهو.
اسپيڪر اويس قادر شاهه بل جي متفقه طور منظوري ڏني هئي، جڏهن ته ايوان ۾ موجود حڪومتي توڙي مخالف ڌر جماعتن مان ڪنهن هڪ ميمبر به مخالفت ڪرڻ بدران سڀني ڊيسڪ وڄائي بل جي حمايت ڪئي هئي.
اسپيڪر اويس قادر شاهه اِهو بل سنڌ ڪابينا ۽ اسيمبلي جي پارلياني ڪميٽي ڏانهن موڪليو هو، وڏي وزير مراد علي شاهه بل فوري منظور ڪيو هو،جڏهن ته پارلياماني ڪميٽي اڄ منظوري ڏني آهي، هاڻ اِهو بل سنڌ اسيمبلي ۾ ٻيهر ايندو ۽ حتمي منظوري بعد پگهارن ۽ مراعتن ۾ اضافو ٿيندو.
نه رڳو پگهارن ۾ واڌ ٿي پر مراعتون به وڌيون
بل تحت قائد ايوان، اسپيڪر ۽ اپوزيشن ليڊر سميت سمورن ميمبرز جي پگھارن ۽ مراعتن ۾ اضافو ٿيندو، اپوزيشن ليڊر کي ھڪ وزير جيتريون مراعتون حاصل ھونديون، پگھارن ۽ مراعتن ۾ اضافو پھرين جولاءِ کان لاڳو ڪيو ويندو.
پارلياماني ڪميٽي اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ 3 لک روپيا واڌ ڪرڻ جِي منظوري ڏني آهي، اِن کان اڳ ميمبرز جي پگهار ڏيڍ لک هئي.
ياد رهي ته پنجاب اسيمبلي جي ميمبرز جي پگهارن ۾ غير معمولي اضافو مريم نواز جي وزير اعليٰ جي مقرر ٿيڻ بعد ٿيو هو، سنڌ جي ميمبرن پنهنجون پگهارون ۽ مراعتون پنجاب جَي ميمبرز جيتريون مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.
ان کان اڳ پگهارون ڪيتريون هيون؟
سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جون پگهارون ڏيڍ لک مان وڌائي ساڍا چار لک ڪيون ويون آهن، هاڻ پنجاب ۽ سنڌ اسيمبليز جي ميمبرز جي پگهارن ۾ ڪو فرق نه رهيو آهي.
حڪومت يا پارلياماني ڪميٽي ميمبرز جي پگهارن کانسواءِ الائونسز، سبسڊي يا ٻين معاملن جا تفصيل ته جاري ناهن ڪيا ويا، پر ان کان اڳ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل ۾ ميمبرز کي سبسڊي، اڪوموڊيشن الائونس، ٽريولنگ الائونس ۽ سرڪاري ڪمن لاءِ پنھنجيون گاڏيون استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ مائيليج الائونس به ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئ.
سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايل بل موجب اپوزيشن ليڊر کي ھڪ وزير جيتري پگھار ۽ ٻيون مراعتون حاصل ھونديون.
منظوري ڏنل بل موجب سنڌ منسٽرز سيلريز، الائونسز اينڊ پريويليجز ايڪٽ 1975 تحت ھڪ صوبائي وزير کي جيڪا پگھار، الائونس ۽ ٻيون سھولتون ملن ٿيون، اپوزيشن ليڊر به انھن سڀني جو حقدار ھوندو.
بل موجب ڪنھن سليڪٽ ڪميٽي يا اسپيشل ڪميٽي کانسواءِ اسيمبلي جي ڪنھن به ڪميٽي جو چيئرمين ھڪ کان وڌيڪ گاڏيون (ڪار) استعمال ڪرڻ جو حقدار نه ھوندو، کيس عھدي تي رھڻ واري عرصي دوران ھڪ ڪار ڏني ويندي.
ڪميٽي جي چيئرمين کي پارلياماني ڪميٽي جي سفارش تحت پيٽرول ۽ مينٽيننس الائونس ڏنو ويندو ۽ ڪار جي مينٽيننس سندس ذميواري ھوندي، عھدو ڇڏڻ جي ٽن ڏينھن اندر کيس ڪار واپس ڪرڻي پوندي.
وزيرن جي پگهارن ۾ ڪيترو اضافو ٿيو؟
بلوچستان اسيمبلي ڏھاڪو اڳ آڪٽوبر 2014 ۾ اسيمبلي ميمبرز جي پگھار 4 لک 40 ھزار مقرر ڪئي ھئي، جڏھن تھ سنڌ ۽ خيبر پختونخواھ جي اسيمبلي ميمبرز جي پگھار ھڪ لک 45 ھزار ۽ ھڪ لک 60 ھزار تائين محدود رھي.
ھلندڙ سال فيبروري ۾ سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي بھ ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جي پگھارن ۾ زبردست واڌ وارن بلن جي منظوري ڏني ھئي، جنھن بعد ايم اين اي ۽ سينيٽر جي پگھار ھڪ لک 80 ھزار مان وڌي 5 لک 19 ھزار ٿي وئي.
صدر آصف علي زرداري مئي 2025 ۾ ھڪ آرڊيننس جاري ڪيو، جنھن تحت وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگھار بھ ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جي برابر 5 لک 19 ھزار روپيا مقرر ڪئي وئي.
ان کان اڳ وفاقي وزيرن جي پگھار 2 لک روپيا ۽ مملڪتي وزيرن جي پگھار ھڪ لک 80 ھزار روپيا ھئي. اپوزيشن ۽ عوامي حلقن جي تنقيد بعد ايم اين ايز جي پگھار 5 لک 16 ھزار روپيا مقرر ڪئي وئي.