جاتي ۾ نوجوانن جي گرفتاري خلاف احتجاج، روڊ بلاڪ، انصاف جو مطالبو

فہرستِ مضامین

جاتي (رپورٽ: نثار احمد سميجو):جاتي پوليس پاران مبينا طور منشيات جي الزام ۾ جاتي جي نوجوان خالد احمد ٿهيم کي وچ شهر مان گرفتار ڪرڻ ۽ حنيف ٿهيم ۽ سڪندر ٿهيم کي پڻ گرفتار ڪرڻ خلاف ٿهيم برادري جي نوجوانن، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين جاتي-سجاول ۽ جاتي-کوراھ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي.

ان موقعي تي اڪبر ٿهيم الزام لڳايو ته جاتي پوليس بلاجواز سندس دڪان تي چڙهائي ڪري سندس نوجوان ڀاءُ خالد احمد ٿهيم کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس پڻ مبينا طور ڌڪ هنيا، جڏهن ته پوليس حنيف ٿهيم ۽ سڪندر ٿهيم کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته گرفتار نوجوانن کي آزاد نه ڪيو ويو ته احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته پوليس پاران مبينا زيادتي جو نوٽيس وٺي گرفتار نوجوانن بابت حقيقتون سامهون آنديون وڃن ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں