ملڪ جَي مٿانهَن علائقن ۾ برسات سبب سنڌو درياھھ جي ٽنهي بئراجز تي ڪٿي لاٿ ته ڪٿي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏھن ته ڪچي واري علائقي مان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آھي.
اختيارين موجب گڊو بئراج وٽ ھڪ ھزار ڪيوسڪ جي واڌ بعد پاڻي وهڪرا 3 لک تائين پهتا آهن
آبپاشي کاتي موجب سکر بئراج وٽ 90 ھزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽيو آهي، جنهن بعد وهڪرا 3 لک 49 ھزار تائين رڪارڊ ٿيا آهن
گڊو جيان ڪوٽڙي بئراج وٽ به 7 ھزار ڪيوسڪ پاڻي وهڪرا وڌڻ بعد ننڍي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ٿيل آهي، درياھ ۾ چاڙھ بعد خيرپور ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾ پاڻي گھرن ۾داخل ٿي ويو آھي.
ڪچي وارو علائقو پاڻي ھيٺ
سنڌو درياهه ۾ چاڙهه بعد خيرپور ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا، خيرپور جي علائقي رپڙي جي ڪچي ۾ ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا.
گلوسيال، صادق ڪلهوڙو ،کرل آباد، ڦلو، ڪيٽي ممتاز ڀٽو، ڪيٽي کرل آباد، ڪيٽي کهڙا سميت سوين ڳوٺن مان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آھي، جڏھن ته مختلف بچاءَ بندن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آھي.
پنجاب ۾ پيدا ٿيل صورتحال جو سنڌ تي ڪيترو اثر پوندو؟
ڊبليو ٽي اين، سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سان رابطو ڪري اِهو سوال پڇيو ته ” پنجاب جا درياهه ڀرجي چڪا آهن، ڇا سنڌ ۾ به ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي“. جنهن تي
ڄام خان شورو ته هو پنجاب جي صورتحال کان واقف آهن، سنڌ ۾ پاڻي وهڪرن توڙي امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان انگ اکر گڏ ڪيا پيا وڃن، مڪمل تفصيل ملڻ بعد ميڊيا سان شيئر ڪيا ويندا.
سنڌ ۾ برسات جو امڪان آھي يا نه؟
موسميات کاتي جو چوڻ آھي ته آگسٽ مھينو ختم ٿيڻ تائين سنڌ ۾ تيز برساتن جو ڪو به امڪان ناھي، ڪجھه علائقن ۾ ھلڪي برسات ٿي سگھي ٿي.
موسميات کاتي واضح ڪيو آهي ته برساتي اسپيل دوران سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ تيز وسڪاري جو امڪان ناهي.
سنڌ ۾ 27 آگسٽ کان برساتن جو نئون سلسلو داخل ٿيڻو ھو پر اھو ٽَري ويو آھي، پر ھاڻي آگسٽ مھينو ختم ٿيڻ تائين سنڌ ۾ تيز برسات نه ٿيندي.
اين ڊي ايم اي جو سنڌو درياھه بابت الرٽ
پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال بعد تربيلا ڊيم جا دروازا کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنھن بعد اين ڊي ايم اي طرفان سنڌو درياھھ جي ڀرپاسي ۾ رھندڙ ماڻھن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو، اين ڊي ايم اي جو چوڻ ھو تھ تربيلا ڊيم جا دروازا کوليا پيا وڃن، جنھن سان سنڌو درياھه ۾ چاڙھه اچي سگھي ٿي، سنڌو درياھه جي ڀرپاسي ۾ رھندڙ ماڻھو درياھه جي لنگھن طرف وڃڻ کان پاسو ڪن، درياھه جي ڀرپاسي ۾ رھندڙ ماڻھو انتظاميه سان سھڪار ڪن.