ڪراچي ۾ 35ھين نيشنل گيمز جون تياريون مڪمل، رانديگرن، آفيشلز ۽ لوگو جي فائنل ڊرافٽ جي منظوري

فہرستِ مضامین

سنڌ حڪومت 35ھين نيشنل گيمز ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن، آفيشلز، سامان ۽ لوگو جي فائنل ڊرافٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.

ڪراچي ۾ راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مھر جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ٿيو، جنھن ۾ 35ھين نيشنل گيزم جي تيارين جو جائزو ورتو ويو، جنھن ۾ راندين واري سيڪريٽري منور مھيسر، ڊائريڪٽر اسد اسحاق ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس دوران 35ھين نيشنل گيمز ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن، آفيشلز، سامان ۽ لوگو جي فائنل ڊرافٽ جي منظوري ڏني وئي.

نيشنل گيمز جي انتظامن ۽ ڊرافٽ جي قطعي منظوري ڪير ڏيندو؟

35ھين نيشنل گيمز بابت اجلاس کي خطاب ڪندي راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مھر چيو تھ نيشنل گيمز جي انتظامن ۽ ڊرافٽ جي حتمي منظوري وڏو وزير ڏيندو، سندن ھدف آھي تھ سنڌ جي ٽيم وڌ کان وڌ گولڊ ميڊزل پنھنجي نالي ڪري، سندس چوڻ ھو تھ رانديگرن جي سليڪشن ميرٽ تي ٿيندي، ڪنھن سان بھ نانصافي نھ ڪئي ويندي.

ٽرائل وٺندڙ ڪميٽين ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر بھ شامل ھوندا

راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مھر چيو تھ نيشنل گيمز ۾حصو وٺندڙ رانديگرن جو ٽرائل وٺندڙ ڪميٽين ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر به شامل ھوندا، نيشنل گيمز جي ڀرپور پروموشن لاءِ ڪراچي جي سمورن شاھران تي اشتھار پڻ لڳايا ويندا، تھ جيئن نيشنل گيمز کي وڌ کان وڌ ڪامياب بڻائي سگھجي.

نيشنل گيمز ڪڏھن کان شروع ٿينديون؟

نيشنل گيمز 6 کان 13 ڊسمبر تائين ڪراچي ۾ ٿينديون، جن جي ميزباني سنڌ حڪومت ڪندي، ان حوالي سان صوبائي وزير محمد بخش مھر جو چوڻ آھي تھ نيشنل گيمز کان 20 ڏينھن اڳ ٽارچ ريلي بھ ڪڍي ويندي، سندس چوڻ ھو تھ 35ھين نيشنل گيمز جو افتتاح پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪندو.

صوبائي وزير محمد بخش مھر جي صدارت ھيٺ ٿيل اجلاس ۾ نيشنل گيمز جي تيارين تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو تھ نيشنل گيمز لاءِ1000 گولڊ ميڊلز تيار ڪيا ويا آھن، ٽارچ، جنرل ٽرافي، شرٽس ۽ ٻيون شيون بھ تيار ڪيون ويون آھن، نيشنل گيمز ۾ شرڪت لاءِ رانديگرن جا ٽرائل 20 کان 30 آڪٽوبر تائين ورتا ويندا، اجلاس دوران ٻڌايو ويو تھ نيشينل گيمز ۾ سنڌ کان 700 ۽ ٻين صوبن مان 500 کان وڌيڪ رانديگر حصو وٺندا، رانديگرن کي رھائش، سواري ۽ ٻيون سھولتون بھ فراھم ڪيون وينديون، جڏھن تھ پرائم منسٽر يوٿ گيمز اسلام آباد ۾ 7 کان 13 سيپٽمبر تائين جاري رھنديون، جنھن ۾ سنڌ جا 365 رانديگر شرڪت ڪندا، پرائم منسٽر گيمز ۾ 16 رانديون ايٿليٽڪس، بيڊمينٽن، باڪسنگ، ھاڪي، سوئمنگ ۽ ٻين رانين جا مقابلا ٿيندا، اجلاس دوران ٻڌايو ويو تھ پرائم منسٽر يوٿ گيم ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن جا ٽرائل لڳ ڀڳ مڪمل ٿي چڪا آھن، کين جلد اسلام آباد روانو ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں