جيڪب آباد ۾ زال کي مارڻ کان انڪار ڪندڙ همراهه قتل:” زال جو عيب ڏٺو ئي ناهي ته کيس ڪيئن ماريان؟ “: مقتول جو موت کان اڳ وڊيو بيان

فہرستِ مضامین

رپورٽ: شفقت کوسو/جيڪب آباد

پوليس موجب 25 آگسٽ جي رات جيڪب آباد جي ڪريم آباد محلي ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل اڌڙوٽ شخص سول اسپتال ۾ طبي امداد دوران دم ڏئي ويو، جنهن جي پنهل لغاري طور سڃاڻپ ٿي.

صدر ٿاڻي جَي ايس ايڇ او سعيد جماڻي ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع تي پوليس عملدار اسپتال پهتا ته اُتي موجود پنهل لغاري جي ڀيڻ شروعاتي بيان ڏنو ته ”ڀاءُ مٿان زال کي ڪارنھن الزام مڙھي گھران ڪڍڻ لاءِ زور ڀريو ويو، ائين نه ڪرڻ تي کيس قتل ڪيو ويو آھي“.

پوليس موجب عورت ٻڌايو ته” سندس ڀاءُ پنهل لغاري کي منهنجي ڀاءُ ۽ چاچي قتل ڪيو آهي“، جڏهن ته عورت اِهي الزام صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران هنيا آهن پر ٿاڻي تي رپورٽ لکرائڻ ڪير ناهي آيو.

ايس ايڇ او سعيد جماڻي موجب مقتول گلزار لغاري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل جوابدار فرار ٿي ويا آهن، مقتول جا وارث ايف آءِ آر داخل ڪرائيندا ته اُن موجب ڪارروائي به عمل ۾ آندي ويندي.

ڀاءُ زال کي بچائڻ تان قتل ٿيو آهي: مقتول جي ڀيڻ

مقتولا جي ڀيڻ حرمت خاتون اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهائڻ وقت لڙڪ لاڙِيندي رهي

ڪريم آباد محلي واسي مقتول پنھل لغاري جي ڀيڻ حرمت خاتون سول اسپتال جيڪب آباد ۾ صحافين آڏو لڙڪ لاڙيندي دانهيو ته منهنجي ڀاءُ تي ڀائرن ۽ سوٽن جو زور ھو ته زال کي ڪارنھن الزام هيٺ گهران ڪڍي ڇڏ، انڪار ڪرڻ تي کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويوآهي.

عورت ٻڌائي ٿي ته ”جوابدار اصغر لغاري پنهل کي قتل ڪيو آهي، جوابدار مقتول جو سئوٽ آهي“.عورت رمضان، سرور، اڪبر، ملوڪ لغاري ۽ شاه مراد کي واقعي ۾ ملوث قرار ڏئي ٿي پر جڏهن صحافي کانئس سوال ڪري ٿو ته” اوهان پوليس کي اطلاع ڪيو آهي“؟ جنهن تي هوءَ ٻڌائي ٿي ته نه پوليس کي اطلاع ناهي ڪيو، اِن پٺيان جو ڪارڻ هوءَ اڪيلي هجڻ جو پيش ڪري ٿي.

ايس ايڇ او سعيد جماڻي ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو ته مقتول پنهل لغاري جي ڀيڻ پنهنجي سموري خاندان تي قتل جا الزام هڻي رهي آهي، پر اڃا تائين ڪو ماڻهو ٿاڻي اچي رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ناهي آيو.

مقتول جو قتل کان اڳ رڪارڊ ٿيل وڊيو بيان

ڊبليو ٽي اين کي مقتول جي وارثن طرفان فراهم ڪيل هڪ وڊيو ڪلپ جيڪا ”هڪ منٽ 13 سيڪنڊز“ تي ٻڌل آهي، اُن وڊيو ۾ پنهل لغاري چئي رهيو آهي ته ”چاچو ۽ ڀاءُ چئي رهيا آهن ته زال تي تهمت هڙهه نه ته قتل ڪنداسين“.

ويڊيو رڪارڊ ڪندڙ شخص جيڪو مقتول جي زال جو ڀاءُ يا مائٽ آهي، اِن جي تصديق ناهي ٿي، اُهو کيس رڪارڊنگ دوران چئي رهيو آهي ته ”اڪبر ۽ فلاڻا چئي رهيا آهن ته هِن کي ڇوڪري نه ڏيو، اسين اوهان کي ڇوڪري ڏينداسين به نه“.

ويڊيو ۾ مقتول پنهل لغاري ويڊيو رڪارڊ ڪندڙ شخص کي چئي ٿو ته ”منهنجا ٻئي ڀائر جواري آهن“، جيڪي مون کي چون ٿا ته زبردستي پنهنجي زال تي ڪارنهن جي تهمت مڙهه، ”نه ته توکي مارينداسين ۽ تنهنجي زال کي به مارينداسين“.

ويڊيو رڪارڊ ڪندڙ شخص مقتول کان سوال ڪري ٿو ته ” اوهان جي چاچي جو نالو ڇا آهي“؟، جواب ۾ پنهل ٻڌائي ته ” اڪبر لغاري ۽ سندس پٽ اصغر لغاري، منهنجا ڀائر ملوڪ  ۽ شاهه مراد به ڌمڪائين ٿا.

ويڊيو رڪارڊ ڪندڙ شخص ڪندڙ مقتول کي چئي ٿو ته ” هاڻ اوهان جي دعويٰ ختم ٿي، اسين ڇوڪري اٿارينداسين“، اٿارڻ مان مراد ڇوڪري جي ٻِي شادي ڪرائڻ آهي، جنهن تي پنهل لغاري کيس جواب ڏئي ته اوهان کي ۽ ڀائرن کي ٻڌرائيندس.

جڏهن زال جو عيب ڏٺو ئي ناهي ته الزام ڪيئن هڻان؟

ڊبليو ٽي اين کي مليل ويڊيو جنهن جي ايڊيٽنگ به ٿيل آهي، ڪجهه حصا غائب به ڪيا ويا آهن، اُن ۾ مقتول چئي رهيو آهي ته ڀائر ۽ چاچا چئي رهيا آهن ته زال تي تهمت مڙه، هاڻ اِهو ڪيئن مناسب آهي ته جڏهن مون زال جو ڪو عيب ڏٺو ئي ناهي ته مٿس الزام ڪيئن هڻان؟ پنهنجي معصوم ٻارڙن کي قرآن کڻائي ڀائرن ۽ چاچي وٽ ويندس.

مقتول جي وڊيو بيان جو جائزو وٺون پيا: پوليس

صدر ٿاڻي جَي ايس ايڇ او سعيد جماڻي موجب واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جڏهن کائنس مقتول جي وڊيو بيان بابت سوال ڪيو ته هُن جاچ ٿيڻ تائين ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں