رپورٽ: ملازم حسين قلندر/نئون ديرو
لاڙڪاڻي ۾ضلعي ڪائونسل پاران لوڊر رڪشا ۽ پنهنجو رڪشو پنهنجو روزگار اسڪيم تحت مستحقن ۾ رڪشا ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري بلدياتي نمائندن سان مخاطب ٿيندي چيو ته رڪشا ورهائڻ وارو عمل متاثر ڪندڙ آهي، صوبي جي ٻين ضلعن ۾ به اِهو پروگرام ٿيڻ گهرجن.
بلاول چيو ته پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت اسان 20 لک برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏئي رهيا آهيون، هي دنيا جو سڀ کان وڏو پراجيڪٽ آهي، جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽي جي وڏي ڪاميابي آهي
بلاول چيو ته پيپلز پارٽي نه صرف عورتن کي مالي طور تي مستحڪم ڪري رهي آهي پر شهيد ڀٽو جي زمينون الاٽ ڪرڻ واري پروگرام کانپوءِ اسان عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ انهن کي زمين ۽ گهرن جو مالڪ بڻايو آهي ۽ انهن کي مالڪاڻي حق واريون سندون به فراهم ڪيون آهن.
بلاول ڀٽو زرداري صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو اهڙين اسڪيمن جي مالڪي ڪن ته جيئن عام ماڻهو کي لاڀ حاصل ٿي سگهي ٿي، رتوديرو ۾ پاڻي نيڪال ۽ مٺي پاڻي جا منصوبا مڪمل ٿيا آهن ائين ئي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ به رٿائون شروع ڪبيون ۽ اُنهن کي مڪمل ڪيو ويندو.
مراد علي شاهه ۽ سرفراز بگٽي سگهارو آواز آهن
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه کي سگهارو آواز قرار ڏنو ۽ چيو ته اِهي ٻئي وزير پنهنجن صوبن جَي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ عوام کي حق ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا.
بلاو ڀٽو زرداري تقريب کي خطاب دوران پاڪ ڀارت جنگ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪ ڀارت جنگ دوران مان آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃي پاڪستان جو موقف پيش ڪري ملڪ جي نمائندگي ڪئي، جڏهن مان عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو هئس اُن وقت لاڙڪاڻي، رتوديرو ۽ نئون ديرو جو عوام منهنجي ڀرپور طاقت بڻيل رهيو ۽ انهن جي طاقت سان ئي مونکي نشان امتياز جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي.
چونڊيل نمائندا عوام جا همدرد ثابت ٿين
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تقريب کي خطاب دوران چونڊيل نمائندن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اُهي جيڪڏهن منهنجا ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ دفن شهيدن جا سچا نمائندا آهن ته پنهنجي عوام جي خدمت ڪن ۽ مسئلا حل ڪرائين
تقريب ۾ يونين ڪائونسلن جي نمائندن ۽ بيروزگار نوجوانن ۾ لوڊر رڪشا ۽ چنگچي رڪشا ورهايا ويا.
ان موقعي تي تقريب ۾ پ پ ليڊيز ونگ صدر ايم پي اي فريال ٽالپر، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، اعجاز جکراڻي، سهيل انور سيال، خورشيد جوڻيجو، عبدالفتاح ڀٽو، سيد ارشد راشدي، محمد انور ٻرڙو، دليپ ڪمار، توفيق ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ضلعي ڪائونسل چيئرمين اعجاز احمد لغاري آجياڻو پيش ڪيو. جڏهن ته تقريب ۾ صوفي راڳي سڄڻ مائري ”عمر دراز تيڏي الله نگهبان هو وي“ گيت پيش ڪيو.