پنجاب ۾ ٻوڏ جو خطرو: ڏيڍ لک ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل: سنڌو درياءَ ۾ به ٻوڏ ايندي؟

فہرستِ مضامین

اين ڊي ايم اي موجب، ستلج درياءَ ۾ پاڻي وهڪرا وڌڻ ۽ پنجاب ۾ امڪاني ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي درياءَ جَي ڀروارن علائقن مان ڏيڍ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي راوي درياءَ ۾ به پاڻي جي سطح مسلسل وڌي رهي آهي، انتظاميا درياءَ جي ڀر وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي فوري طور محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جِي هدايت ڪئي آهي.

اين ڊي ايم اي جي جاري ڪيل بيان موجب، اڃا تائين لڳ ڀڳ هڪ لک پنجاهه هزار ماڻهن کي امڪاني ٻوڏ جي خطري وارن علائقن مان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي۔

بهاولنگر مان سڀ کان وڌيڪ 89 هزار 868 ماڻهو، جڏهن⁠تہ قصور مان 14 هزار 140 ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، ان کان کانسواءِ اوڪاڙا مان به 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو، جڏهن⁠تہ وهاڙي ۽ پاڪپتن مان به سوين ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم طرفان امڪاني ٻوڏ جي الرٽ بعد لڳ ڀڳ 40 هزار ماڻهو اڳ ئي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي چڪا هئا۔

اين ڊي ايم اي لاڳاپيل ادارن ۽ ايمرجنسي سروسز کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن⁠تہ شهرين کي به دريائن، ڍورن ۽ هيٺانهن وارن علائقن کان پري رهڻ ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي۔

ڀارت سنڌ طاس معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪئي: پاڪستان

پاڪ ڀارت جنگ کانپوءِ سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ جِي ڌمڪي ڏيندڙ ڀارت پاڪستان ڏانهن اضافي پاڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيو، ڀارتي اختيارين ھاءِ ڪميشن ذريعي 24 ڪلاڪن دوران 2 ڀيرا پاڪستان کي امڪاني ٻوڏ بابت آگاھي ڏني.، پاڪستان جو الزام آهي ته انڊيا طرفان سنڌ طاس معاھدي تحت آگاھي نه ڏني.

سفارتي ذريعن جو چوڻ آھي ته ڀارت طرفان 24 ڪلاڪن ۾ 2 ڀيرا رابطو ڪري صورتحال بابت آگاھي ڏني وئي، ڀارت طرفان اضافي پاڻي ڇوڙ ٿيڻ بابت به ٻڌايو ويو.

سرڪاري ذريعن موجب ڀارت ماضي ۾ به پاڻي ڇوڙ ڪرڻ بابت ھاءِ ڪميشن ذريعي آگاھه ڪندو رھيو آھي،. پاڪستاني سفارتي ذريعن جو چوڻ آھي ته ڀارت ٻوڏ بابت سفارتي رابطن ذريعي ڄاڻ ڏني، سنڌ طاس معاھدي تحت ڀارت کي اھڙي ڄاڻ انڊس واٽر ڪميشن ذريعي ڏيڻي آھي پر سنڌ طاس معاھدي تحت رابطو نه ڪري ڀارت معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. پاڪ ڀارت جنگ کانپوءِ ڀارت جو پاڪستان سان سفارتي نوعيت جو پهريون رابطو آهي.

پاڻي ماهرن موجب ڀارت ستلج ۾ ڏيڍ لک ڪيوسڪ ۽ راوي ۾ ستر هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو آهي، ستلج درياءَ ۾ بھاولپور ۽ بھاولنگر وٽ چاڙھه سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا، جڏھن ته سوين ڳوٺن جو شھرن سان زميني به ڪٽجي ويو، مختلف علائقن ۾ ڦاٿل ماڻھن کي ريسڪيو ڪرڻ جو سلسلو به جاري آھي، ٻئي پاسي اين ڊي ايم اي طرفان به الرٽ جاري ڪري ماڻھن کي درياءَ کان پري رھڻ جي ھدايت ڪئي، اين ڊي ايم اي ھدايت ڪئي ته دريائن جي ڀرپاسي ۾ رھندڙ ماڻھو انتظاميا سان سهڪار ڪن.

سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿيندي؟

ڊبليو ٽي اين سينيئر صحافي ۽ پاڻي مامرن تي گهري نظر رکندڙ سترام مهيشوري ۽ ٻين سان رابطو ڪيو، جن کان اِهو سوال پڇيو ويو ته ” ڇا سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي”، جنهن جي جواب ۾ سترام مهيشوري چيو ته سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته سنڌو درياءَ ۾ 12 لک ڪيوسڪ پاڻي برداشت ڪرڻ جِي سگهه آهي.

پاڻي ماهرن موجب ستلج ۽ راوي درياءَ اڳ ئي سُڪهڙي جو شڪار هئا، ڀارت ستلج ۾ ڏيڍ لک ڪيوسڪ ۽ راوي ۾ 70 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو آهي، اِهو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ شامل ٿيڻ تائين گهٽجي ويندو.

ٻئي پاسي سنڌو درياءَ ۾ مسلسل پاڻي وهڪرا گهٽجي رهيا آهن، گڊو بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ اڳ ئي ڊڪليئر ٿيل آهي، جڏھن ته سکر بئراج وٽ وچين ٻوڏ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آھي.

گڊو بئراج وٽ 24 ڪلاڪن ۾ ھڪ لک 73 ھزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ لاٿ رڪارڊ ٿيڻ بعد مٿانهون وهڪرو 3 لک 11 ھزار 559 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون  وهڪرو 2 لک 77 ھزار 243 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

سکر بئراج وٽ به 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي جي سطح ۾ 25 ھزار ڪيوسڪ 37 ھزار ڪيوسڪ جي لاٿ رڪارڊ  ٿي، سکر وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 34 ھزار 500 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 3 لک 81 ھزار 290 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

ڪوٽڙي بئراج وٽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 22 ھزار ڪيوسڪ پاڻي جي واڌ بعد پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 29 ھزار 875 ڪيوسڪ تائين پھچي ويو. ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 11 ھزار 870 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

سنڌ طاس معاھدو ڇا آھي؟

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ 1960ع ۾  دريائن جي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ سنڌ طاس معاھدو ٿيو، ھن معاھدي جي ضامن عالمي بينڪ آھي، معاھدي تحت ڀارت کي پنجاب ۾ وھندڙ ٽن دريائن بياس، راوي ۽ ستلج تي ڪنٽرول حاصل ھوندو، جڏھن ته آزاد ڪشمير مان نڪرندڙ چناب، جھلم ۽ سنڌو درياءَ جو وڌيڪ پاڻي استعمال ڪرڻ جي اجازت پاڪستان کي ھوندي ھن وقت تائين اھو معاھدو برقرار آھي، پر ٻنھي ملڪن کي ان تي خدشا رھيا آھن، ڪيترائي ڀيرا معاھدو ختم ٿيڻ جون ڳالھيون به ٿينديون رھيون آھن.

رت ۽ پاڻي گڏ نٿا وھي سگھن

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جنگ دوران سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته ڀارت طئي ڪري ورتو آھي ته ھاڻي رت ۽ پاڻي گڏ نٿا وھي سگھن، جنهن جَي رد عمل ۾ پاڪستان مذمت ڪئي هئي ۽ عالمي سطح تي ڀارت کي نروار ڪيو هو.

ڀارت جي پاڻي بند ڪرڻ واري ڌمڪي جي جواب ۾ پاڪستان چيو هو ته ڀارت عالمي قانون تحت پاڻي بند نٿو ڪري سگھي پر ائين ٿئي ٿو ته اھو جنگ جو اعلان تصور ڪيو ويندو

پاڪستان جي وزيراعظم شھباز شريف، فوجي سربراھ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻي بند ڪرڻ بابت ڀارتي وزير اعظم جي ڌمڪي تي سخت رد عمل ڏنو هو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ بعد سفارتي وفد جو سربراھ مقرر ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ۾ مختلف ملڪن جي سربراھن سان ملاقاتون ڪيون ويون، بلاول ھر ھنڌ سنڌ طاس معاھدي جي ڀڃڪڙي تي تقنيد ڪئي، سندس چوڻ ھو ته پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ کي جنگ جو اعلان تصور ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں