هيءَ ڊبليو ٽي اين سنڌ جو لائيو پيج آهي
Live
- ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مئي ۾ ٿيل مختصر جنگ روڪرائڻ جو ڪريڊٽ کنيو
- ڀارت جو جنگ کانپوءِ پاڪستان سان پهريون سفارتو رابطو، پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي به ڪئي
- واٽر سپلاءِ واري تلاءَ ۾ ڪتي جي تـــُـڙڳڻ واري وڊيو وائرل
- جيڪب آباد ۾ زال کي مارڻ کان انڪار ڪندڙ نوجوان پاڻ مارجي ويو
- پاڪستاني ڪاميڊين تابش ھاشمي کي چماٽون ڪنهن هنيون؟
پاڪ_ڀارت جنگ روڪرائڻ تائين 7 جهاز نشانو بڻجي چڪا هئا: ڊونلڊ ٽرمپ
واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جڏهن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مئي ۾ ٿيل مختصر جنگ روڪرائي، تيستائين 7 جهاز نشانو بڻائي ڪيرائي ويا هئا.
وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي جنگيون روڪرايون آهن، جن ۾ پاڪ ڀارت جنگ سڀ کان وڏي جنگ هئي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ الڳ نوعيت جي هئي، جيڪا ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿي پئي سگهي.
ٽرمپ چيو ته اُنهن 7 جنگي جهاز نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيا هئا، پر ٽرمپ اِهو ناهي ٻڌايو ته ڪنهن ملڪ ڪنهن جا جهاز تباهه ڪيا.
واضح رهي ته پاڪ ڀارت جنگ دوران آمريڪي صدر ٽرمپ وچ ۾ پئي جنگ بندي ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر ڀارت اِن ڳالهه کي تسليم نٿو ڪري

ڀارت جو جنگ بعد پاڪستان سان پهريون سفارتي رابطو، معاهدي جي ڀڃڪڙي به ڪري ڇڏي
ڀارت جِي آبي دھشتگردي سبب ستلج درياھه ۾ پاڻي جَي وھڪرن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿيڻ سان وڌيڪ آباديون ٻڏي ويون آھن.
ڀارت طرفان پاڻي ڇوڙ ڪرڻ بعد ستلج درياھھ ۾ گنڊا سنگھھ والا وٽ وهڪرا وڌي ويا آهن ۽ بھاولپور توڙي بھاولنگر وٽ ڪيتريون ئي آباديون پاڻي ھيٺ اچي ويون آهن.
ضلعي انتظاميا موجب ساھوڪا چشتيان روڊ پاڻي هيٺ اچڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.
ٻئي پاسي پي ڊي ايم اَي طرفان الرٽ جاري ڪرڻ کانپوءِ امڪاني طور متاثر ٿيندڙ علائقن مان ماڻهو ٻيڙين ذريعي محفوظ ھنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن.
ٻئي پاسي سنڌو درياءَ جَي ٽنهي بئراجز وٽ پاڻي وهڪرا وڌي رهيا آهن، گڊو وٽ ننڍي سکر بئراج وٽ وچين ۽ ڪوٽڙي بيئراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آھي.

زال کي گهران ڪڍڻ کان انڪار ڪندڙ نوجوان قتل
شفقت کوسو/ جيڪب آباد
جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ۾ گولي لڳڻ سبب نوجوان مارجي ويو آهي، پوليس جاچ شروع ڪئي آهي.
ڊبليو ٽي اين جي نمائندي شفقت کوسو موجب پنهل لغاري نالي نوجوان جو جيڪب آباد اسپتال آندو ويو، جتي هڪ عورت پاڻ کي نوجوان جي ڀيڻ ظاهر ڪندي دانهيو ته ڀاءُ تي گهر ڀاتين دٻاءُ وڌو هو ته ”ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال کي گهران ڪڍي ڇڏ“.
عورت ٻڌايو ته مقتول ڀاءَ پنهل لغاري زال کي گهران ڪڍڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد کيس ” پنهنجي سئوٽ ۽ ڀاءُ“ گوليون هڻي قتل ڪيوآهي جن کي گرفتار ڪيو وڃي.
ٽن ضلعن ۾ هڪ ئي رات 4 ڄڻا هاف فراءِ
ٺٽي، دادو ۽ نوشهرو فيروز ضلعن ۾ پوليس مقابلن ۾ چئن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جِي دعويٰ ڪئي آهي.
ٺٽو پوليس جي پڌرائي موجب مڪلي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ ۾ جوابدار عبدالرزاق زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪرڻ بعد علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته زخمي جوابدار ڦر جَي ڪيسن ۾ گهربل هو، مٿس مختلف ٿاڻن تي ڪيس به داخل ٿيل آهن.
دادو جَي ايس ايس پي امير مسعود مگسي پنهنجي پڌرائي ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته دادو ۽ ميهڙ ۾ ٻن ڌار ڌار مقابلن ۾ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي موجب دادو پوليس مقابلي دوران تاج محمد چانڊيو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي، جنهن جَي قبضي مان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي امير سعود مگسي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ميهڙ جِي بي سيڪشن پوليس مقابلي ۾ محمد حنيف جمالي نالي ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي.
ٻئي پاسي ڪنڊيارو پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڪمال ديرو لنڪ روڊ تي مقابلو ٿيو، جنهن دوران ڏوهاري منصور گهانگهرو زخمي ٿي پيو.
ايس ايڇ او اسد النبي موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار مختلف ڏوهي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته ايس ايڇ او پنهنجي بيان ۾ اِهو ناهي ٻڌايو ته زخمي جوابدار جي قبضي مان ڇا مليو آهي ۽ ڪهڙن ٿاڻن تي مٿس ڪهڙي نوعيت جا ڪيس داخل آهن.
واٽر سپلاءِ تلاءَ ۾ ڪتي جي تُـڙڳڻ واري وڊيو وائرل
چمبڙ شھر جَي واٽر سپلاءِ واري تلاءَ ۾ ڪتي جي تُـڙڳڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد شھرين ۾ سخت ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جي لھر پکڙيل آھي. وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڪتو تڙڳندي نظر اچي رھيو آھي.
شھرين ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو آھي ته ٽائون ڪميٽي جي نااھلي سبب ڪتا ۽ ٻيا جانور پيئڻ واري پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ وھنجندي نظر اچي رھيا آھن، ھنن چيو تھ جانورن جي گندگيءَ وارو پاڻي پيئڻ لاءِ مجبور آھيون.

شهرين جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪميٽي کي پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ ڪتن جي گھڙڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي غفلت جو مظاھرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گھرجي.
ھنن چيو ته جانورن جي تلاءَ ۾ گھڙڻ سان پيئڻ جو پاڻي گدلو ۽ جراثيمن ڀريو ٿي وڃي ٿو ۽ ان سان شھرين ۾ بيماريون پکڙجڻ جو خطرو آھي.
ٻئي پاسي ٽائون ڪميٽي جي آفيسرن تلاءَ ۾ ڪتي جي ترڻ واري وڊيو بابت ڊبليو ٽي اين جي نمائندي پيرل آزاد سان ڳالهائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته اھا وڊيو 8 کان 9 سال پراڻي آھي، جڏھن تھ وڊيو ريڪارڊ ڪندڙ شھري رحمت شاھ جو چوڻ آھي ته ھن 2 ڏينھن اڳ وڊيو ريڪارڊ ڪئي آھي.
خيبرپختونوا ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس رپورٽ
خيبرپختونوا ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن.
نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر موجب پوليو جو شڪار ٻارڙن جو تعلق ٽانڪ ضلعي ۽ اتر وزيرستان سان آھي.

نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر جو چوڻ آھي تھ خيبرپختونوا جي ڏاکڻي علائقن ۾ پوليو جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي، ايندڙ مھيني سڄي ملڪ ۾ پوليو مھم شروع ڪئي ويندي.
ھلندڙ مھيني لڪي مروت جي يوسي سليمان خيل ۾ 5 مھينن جي ٻارڙي ۾ پوليو جي تصديق ٿي ھئي.
ايم ڪيو ايم ڪارڪنن کنڀي پسٽل تاڻي ڌمڪيون ڏنيون: ڪاميڊين تابش
پاڪستاني ڪاميڊين ۽ ميزبان تابش ھاشمي انڪشاف ڪيو آھي ته کيس ماضي ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن کنڀي پسٽل تاڻي ڌمڪيون ڏنيون هيون.
خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالھائيندي تابش ھاشمي چيو تھ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کيس اپريل 2008 تي کنڀي هڪ ڪار ۾ بند رکيو ۽ پسٽل تاڻي ڌمڪائيندا رهيا هئا.
ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن ھُجڻ بابت سوال تي تابش ھاشمي چيو ته ھُو ڪڏھن بھ متحدھ جو ڪارڪن ناھي رھيو، کيس کنڀڻ کان اڳ فون ڪري يونيورسٽي جي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ کان روڪيو ويو ھو.

ڪرڪيٽر عرفان نيازي پاڪستاني ڪرڪيٽ جو مستقبل قرار
پاڪستان ريڊ بال ٽيم جي اڳوڻي ھيڊ ڪوچ جيسن گليپسي آل رائونڊر عرفان خان نيازي کي پاڪستاني ڪرڪيٽ جو مستقبل قرار ڏنو آھي.
جيسن گليپسي دنيا جي مختلف ٽي ٽوئنٽي ليگز جي فرنچائزز کي عرفان خان کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو بھ مشورو ڏنو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ جيسن گليسپي چيو ته سموريون ٽي ٽوئنٽي فرنچائزز عرفان ٽيم کي ٽيم ۾ شامل ڪن، ھو پاڪستاني ڪرڪيٽ جو مستقبل آھي.

ھن چيو ته عرفان خان بھترين بيٽر ۽ فيلڊر به آھي، کيس ٽي ملڪ سيريز ۽ ايشيا ڪپ جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ گھرجي ھا.
سندس چوڻ ھو ته اھا ڳالهه يقين ڪرڻ جوڳي ناھي تھ پي سي بي عرفان خان کي اسڪواڊ ۾ شامل ناھي ڪيو.