هو مونکي ڀارت جا سياحتي ماڳ گهمائڻ بهاني وٺي آيا، پر جڏهن پهتس ته اُنهن ڌمڪيون ڏنيون ۽ جسم فروشي تي مجبور ڪيو.
بنگلاديش جي هڪ 15سالن جي نينگري ڀارتي رياست تلنگانه جي گاديءَ واري شهر حيدرآباد جي پوليس سان رابطو ڪري هي شڪايت داخل ڪرائي آهي.
پوليس جاچ شروع ڪندي حيدرآباد مان ٽن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن سان بين الاقوامي انساني اسمگلنگ جي نيٽ ورڪ تي روشني پوي ٿي۔
حيدرآباد جي بندلا گوڊا جي انسپيڪٽر بي سرينواس رائو ٻڌايو:’ اسين نينگري کي بنگلاديش موڪلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان هن معاملي ۾ پرڏيهي وزارت سان رابطي ۾ آهيون۔‘
نينگري کي ڀارت آندو ڪيئن ويو؟

15ورهين جي نينگري 8 آگسٽ تي حيدرآباد جي بندلا گوڊا پوليس اسٽيشن پهتي۔ جتي هن ٻڌايو ته هوءَ بنگلاديش جي گاديءَ واري هنڌ ڍاڪا جي ويجهو ميرپور سٽي ٿاڻي جي حد ۾ رهندي آهي۔
نينگر ٿاڻي ۾ شڪايت داخل ڪرائيندي التجا ڪئي ته: ’مان هڪ گينگ جي چنگل ۾ ڦاسي پئي آهيان، مھرباني ڪري مون کي بچايو.‘
ڇوڪري جي شڪايت جي بنياد تي پوليس حيدرآباد مان شهنـاز فاطمه، هاجره بيگم نالي ٻن عورتن ۽ محمد سمير نالي هڪ شخص کي گرفتار ڪيو آهي۔
اي سي پي اي سڌاڪـر ڪيس بابت ڄاڻ ڏيندي چيو: ’روپا نالي عورت متاثر نينگري کي سياحتي ماڳ ڏيکارڻ بهاني بنگلاديش کان ڀارت وٺي آئي هئي.
ڇوڪري ٻڌايو ته روپا نالي اها عورت بنگلاديش ۾ سندس پاڙيسري آهي۔‘
پوليس جي جاچ مان اِها ڳالهه سامهون آئي آهي ته هلندڙ سال فيبروري ۾ روپا متاثر نينگري سان گڏ هڪ ٻيڙيءَ ۾ ڀارت- بنگلاديش سرحد تي سونائي درياءَ کي پار ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اُتان نينگري کي ڪلڪته آندو ويو، پوءِ هوءَ ٽرين ذريعي حيدرآباد پهتيون۔
نينگري کي جسم فروشي تي مجبور ڪيو ويو
پوليس کي خبر پئي ته نينگري کي 20 هزار روپين ۾ وڪرو ڪيو ويو، سڀ کان پهريان روپا نينگري کي شهناز فاطمه نالي هڪ ڊانسر حوالي ڪيو

اي سي پي سڌاڪر چيو: جوابدارن نينگري کي ڌمڪي ڏني ۽ کيس جسم فروشي تي مجبور ڪيو۔
نينگري ٻڌايو ته: جوابدارن ڌمڪي ڏني ته هو پوليس کي ٻڌائيندا ته ڇوڪري غيرقانوني طريقي سان ڀارت ۾ داخل ٿي آهي ۽ پوءِ پوليس کيس جيل ۾ وجهي ڇڏيندي۔
ان کان پوءِ شهنـاز فاطمه نينگري کي هاجره بيگم حوالي ڪيو۔ هاجره بيگم، آٽو ڊرائيور محمد سمير جي مدد سان نينگري کي شهر جي مختلف هنڌن تي وٺي ويندي هئي۔
پوليس کي جاچ ۾ پيو پيو ٿيو ته نينگري کي هوٽلن ۾ پهچايو پئي ويو ۽ جسم فروشي لاءِ مجبور ڪيو پئي ويو، جوابدارن جي مدد سرور نالي هڪ شخص به ڪئي۔
بندلا گوڊا جي انسپيڪٽر سرينواس رائو ٻڌايو: نينگري کي روزانو هوٽل وٺي ويندا هئا، ڪجهه ڏينهن اڳ بندلا گوڊا کان نڪرڻ وقت نينگري پوليس اسٽيشن کي ڏسي نينگري جوابدارن جي هٿن مان نڪري پوليس وٽ دانهن کڻي پهتي.
هن جو چوڻ هو ته نينگري پوليس کي ٻڌايو ته جوابدارن کيس لڳ ڀڳ ڇهن مهينن تائين ڌمڪائي جنسي استحصال ڪرايو، هوٽلز تي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو.
پوليس اولهه بنگال جون ٽي ٻيون عورتون به حراست ۾ ورتيون آهن ۽ کين عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ ۾ ورتو آهي.
هرسال انساني اسمگلنگ ۾ متاثرن جو انگ وڌي ٿو
هلندڙ سال اپريل ۾ عورتن ۽ ٻارن جي فلاح و بهبود واري مرڪزي وزارت راجيه سڀا (پارليامينٽ جي ايوان بالا) ۾ سڄي ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي معاملن جو ڊيٽا ڪئي.
نيشنل ڪرائيم رڪارڊ بيورو (اين سي آر بي) راجيه سڀا ۾ اٿاريل هڪ سوال جي جواب ۾ هي ڊيٽا ايوان ۾ پيش ڪئي، وزارت انڪشاف ڪيو ته 2018 کان 2022 تائين تلنگانه ۾ اهڙا 1301 ڪيس داخل ٿيا آهن۔
غير سرڪاري اداري “پرجوالا سنسٿا” جي باني سنيتا ڪرشنن چيو ته تلنگانه ۾ وڏي انگ ۾ انساني اسمگلنگ جا ڪيس داخل ٿيڻ جو ڪارڻ مضبوط پوليس نظام آهي۔

هن چيو: اهو چئي سگهجي ٿو ته ٻين رياستن جي مقابلي ۾ هتي وڌيڪ ڪيس داخل ٿي رهيا آهن پر اسان کي اهو سوچڻ جي ضرورت آهي ته ڪيترن ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت ٿيو آهي ۽ سزائون مليون؟
هن ٻڌايو ته انگ اکر ٻڌائي رهيا آهن ته جيتوڻيڪ تلنگانه ۾ ڪيس ته داخل ٿي رهيا آهن پر سزا جي شرح تمام گهٽ آهي، سال 2020 ۾ 184 ڪيسن مان صرف ٻن ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي۔2021 ۾ 347 ڪيس ٿيا پر ڪنهن کي سزا نه ملي، 2022 ۾ 391 ڪيس مان رڳو هڪ جوابدار کي سزا ملي سگهي
سنيتا ڪرشنن ٻڌايو ته ڪيس حل ڪرڻ لاءِ خاص ٽيمون گهٽ آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو فوجداري ڪيسن ۾ گهٽ سزائون ٻڌايون وڃن ٿيون۔
هن چيو: حيدرآباد سميت ڪيترن علائقن ۾ انسداد انساني اسمگلنگ يونٽ موجود آهن، پر اتي ڪم ڪندڙ پوليس روزانو مختلف ڊيوٽين ۾ مصروف رهندي آهي، جنهن جي ڪري ڪيس حل ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.
تلنگاڻا جي هڪ سينيئر آءِ پي ايس آفيسر ٻڌايو ته انساني اسمگلنگ جي معاملن کي حل ڪرڻ ۾ چين جا لنڪس (ڪيسز جا ڳانڍاپا ڪٿان جڙيل آهن ۽ ڪير ملوث آهي) جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ دير لڳندي آهي.
هن چيو ته جڏهن ماڻهن کي انساني اسمگلنگ جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته اهي ٻين ملڪن ۽ ٻين رياستن جا هوندا آهن۔ اهڙي حالت ۾ کين آڻڻ ۽ ڏوهه ثابت ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.
انساني اسمگلنگ لاءِ ڏکڻ ڀارت جي چونڊ ڇو ڪئي وڃي ٿي؟

اهو پهريون موقعو ناهي جو بنگلاديشي ڇوڪريون حيدرآباد آنديون ويون هجن، ان کان اڳ به اهڙا ڪجهه واقعا پيش اچي چڪا آهن، پوليس موجب 2019 ۾ پهاڙ شريف ٿاڻي جي علائقي مان پنج بنگلاديشي عورتن کي بچايو ويو هو۔
گذريل سال حيدرآباد سي سي ايس پوليس جي هڪ آپريشن دوران پراڻي شهر جي علائقي مان 60 پرڏيهي هٿ آيا هئا، جن مان 30 بنگلاديشي هئا، ڪجهه عورتون به شامل هيون۔
پوليس جو چوڻ آهي ته بنگلاديش جي صورتحال کي ڏسندي انساني اسمگلنگ جا ايجنٽ نوڪري ۽ روزگار جي موقعن جي نالي تي ڇوڪرين ۽ نوجوان عورتن کي شڪار بڻائي رهيا آهن۔
اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته هن ڪم لاءِ ايجنٽ کي 20 هزار کان 40 هزار رپيا تائين معاوضو ڏنو پئي ويو۔
سرينواس رائو ٻڌائي ٿو: ’جوابدارن بيوٽي پارلر ۽ مساج پارلر جي نوڪرين جي آڙ ۾ آڻي رهيا آهن۔ پوءِ اهي کين ڌمڪائي جسم فروشي ڪرائين ٿا.