ڀارتي حڪومت طرفان ٽيم جي ايشيا ڪپ 2025 ۾ شرڪت جي منظوري ڏني وئي، جنھن بعد ايشيا ڪپ ۾ پاڪ- ڀارت ميچ جو رستو کلي ويو آھي.
ڀارت جي راندين واري وزارت جو چوڻ آھي تھ ڀارتي ٽيم ايشيا ڪپ 2025 ۾ شرڪت ڪندي ڇو تھ اھو ھڪ گھڻ ملڪي ايونٽ آھي، ٻئي ٽيمون عالمي ايونٽ ۾ آمھون سامھون ٿي سگھن ٿيون، پر پاڪستان سان ٻھ ملڪي سيريز نھ ٿيندي، راندين واري وزارت جو چوڻ ھو تھ ڀارت جي ڪنھن بھ ٽيم کي پاڪستان وڃڻ جي اجازت نھ ملندي.
ٻنھي ٽيمن کي ھڪٻئي جي ملڪ ۾ کيڏڻ کان روڪڻ افسوسناڪ آھي: پاڪستان جو رد عمل
پاڪستان جي پرڏيھي ترجمان شفقت علي خان چيو آھي تھ ٻنھي ٽيمن کي ھڪٻئي جي ملڪ ۾ کيڏڻ کان روڪڻ افسوسناڪ آھي، ڀارت پنھنجي ٽيم کي متبادل ھنڌ تي کيڏڻ جي اجازت ڏني آھي پر پاڪستاني ٽيم کي ڀارت ۾ کيڏڻ جي اجات نھ ڏيڻ افسوسناڪ آھي، ڀارت کي ائين نھ ڪرڻ گھرجي.
راندين ۽ سياست کي ڳنڍڻ نھ گھرجي
ڀارت طرفان ٽيم کي پاڪستان ۾ کيڏڻ کان روڪڻ واري بيان بعد پاڪستاني پرڏيھي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان رد عمل ڏنو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران پرڏيھي ترجمان چيو تھ راندين ۽ سياست کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ نھ گھرجي، ڀارت کي پاڪستاني ٽيم کي ڀارت ۾ کيڏڻ کان نھ روڪڻ گھرجي، نھ ئي ڀارتي ٽيم جي پاڪستان آمد تي اعتراض ڪرڻ گھرجي.
ڀارتي رانديگرن جي نئين فٽنيس ٽيسٽ
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن لاءِ نئين فٽنيس ٽيشت معتارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جنھن تحت رانديگرن کي برونڪو ٽيسٽ ۾ حصو وٺڻو پوندو، اھا ٽيسٽ رانديگرن جي فٽنيس چيڪ ڪرڻ لاءِ ورتي ويندي آھي.
برونڪو ٽيسٽ ۾ رانديگرن کي ڇا ڪرڻو پوندو؟
ڀارتي ميڊيا موجب ھن ٽيسٽ ۾ رانديگرن کي 20، 40 ۽ 60 ميٽرن تائين ڊوڙ ڪرائي ويندي آھي، ھڪ رانديگر کي بنا ساھي جي 5 سيٽ ڪرڻا ھوندا آھن، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن لاءِ ٽيسٽ مڪمل ڪرڻ جو وقت 6 منٽ رکيو آھي.
ايشيا ڪپ 2025 ڪڏھن شروع ٿيندو؟
ايشيا ڪپ 2025 جي شروعات 9 سيپٽمبر تي يو اي اِي ۾ شروع ٿيندو، جنھن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو 14 سيپٽمبر تي ٿيندو، ٻنھي ٽيمن طرفان ايشيا ڪپ کٽڻ جي اميد ظاھر ڪئي پئي وڃي، ٻنھي ٽيمن ان لاءِ اسڪواڊ جو بھ اعلان ڪيو آھي، پاڪستاني ٽيم جي اسڪواڊ ۾ ھن ڀيري بابراعظم ۽ محمد رضوان شامل ناھن.
ٽھ ملڪي سيريز ۾ پاڪستان کي ٽف ٽائيم ڪھڙي ٽيم ڏيندي؟
پاڪستان، افغانستان ۽ يو اي اِي ۾ ٽھ ملڪي سيريز 27 آگسٽ کان شارجا ۾ شروع ٿيندي، پاڪستاني ٽيم جي ھيڊ ڪوچ لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ھو تھ افغانستان خلاف کيڏڻ سندن لاءِ وڏو چئيلنج ھوندو، ھن چيو ھو تھ افغانستان جي ٽيم کي ھلڪو نٿو وٺي سگھجي.