مصر ۾ سوشل ميڊيا تي مقبول هڪ ٽڪ ٽاڪ انفلوئنسر عورت “ياسمين” جي حقيقت سامهون اچڻ تي سڀ حيران ٿي ويا..
عرب ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته اِن ڳالهه جو انڪشاف اُن وقت ٿيو جڏهن عورت ٽڪ ٽاڪر جي ڊانس وڊيوز تي سوين ماڻهن ٿاڻي وڃي شڪايتون داخل ڪرايون.
پوليس شهرين جي شڪايتن تي جاچ لاءِ ٽڪ ٽاڪر ياسمين کي ٿاڻي گهرايو ۽ پڇا ڳاڇا ڪئي..
جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته ڇوڪريءَ جو روپ ڌاري، ياسمين جي نالي سان ٽڪ ٽاڪ هلائيندڙ عورت حقيقت ۾ 18 سالن جو ڇوڪرو عبد الرحمان آهي
پئسا ڪمائڻ لاءِ ٽڪ ٽاڪ تي ڇوڪري بڻيس.
نوجوان شاگرد مڃيو ته هن اهو اڪائونٽ صرف فالوورز وڌائڻ ۽ پئسا ڪمائڻ لاءِ ٺاهيو هو
مصري پوليس نوجوان کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو، ٽڪ ٽاڪ ويڊيوز لاءِ استعمال ڪندڙ ٽول(سامان) به ضبط ڪيو..
عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدار ٽڪ ٽاڪ تي ڇوڪري بڻجي ڊانس ڪندو آهي ۽ اِن جي ڊانس تي سوين ماڻهن شڪايتون ڪيون آهن.
عدالت جوابدار کي چئن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ۽ ڪجهه دير بعد وري کيس 5 هزار مصري پائونڊ (تقريباً 105 ڊالر) عيوض ضمانت تي آزاد ڪيو ويو..
عبدالرحمان هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي طلاقيل ماءُ سان گڏ رهندو آهي، مقامي رهواسين مطابق، هو هڪ سادو ۽ خاموش مزاج جو ڇوڪرو هو، جيڪو سياحت ۽ هوٽل مينيجمينٽ جي انسٽيٽيوٽ ۾ پڙهندو هو..
عبدالرحمان جي پاڙيسري واقعي تي حيرانگي ظاهر ڪندي ٻڌايو ته اسان کي صدمو رسيو آهي، جنهن نوجوان کي عام ۽ سلجهيل سمجهندا هئاسين، اُن ڇوڪري بڻجي دنيا کي بيوقوف پئي بڻايو!.
غير اخلاقي مواد رکڻ تي ڪيس داخل
مصر جي گهرو وزارت جي ترجمان موجب عبدالرحمان تي عورت جو روپ ڌارڻ ۽ غيراخلاقي مواد شايع ڪرڻ جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي..
ياد رهي ته اهو ڪيس ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن مصر ۾ اختيارين لڳاتار سوشل ميڊيا تي “غيراخلاقي مواد” خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون.
فحش مواد اپلوڊ ڪرڻ تي عورت ٽڪ ٽاڪرز به جيل ڀيڙيون
گذريل سالن ۾ ڪيترين مشهور عورت ٽڪ ٽاڪ انفلوئنسرز کي به بي هودا رقص يا فحش مواد اپلوڊ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيتريون جيل به موڪليون ويون..