ڊبليو ٽي اين سنڌي ڊاٽ ڪام/ڪراچي
سنڌ جي نامياري فنڪارا صنم ماروي ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر احمد شاھ وچ ۾ ٿيل معاملو صوبائي وزير ذوالفقار شاھ ۽ نور الھديٰ شاھ جي ٽياڪڙي بعد حل ٿي ويو.
صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ ۽ نامياري ليکڪا نور الھديٰ شاھ صنم ماروي کي احمد شاھ پاران چادر پارائي معاملو ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنھن بعد صنم ماروي آرٽس ڪائونسل جي صدر کي معاف ڪري ڇڏيو.
معاملو ختم ٿيڻ بعد صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ، نورالھديٰ شاھ، احمد شاھ ۽ صنم ماروي جو گڏيل بيان جاري ڪيو ويو.
صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ چيو ته صنم ماروي سنڌ جو اثاثو آھي، ھو پنھنجي فنڪارن کي اڪيلو ناھن ڇڏيندا، احمد شاھ پاران ھنن کائنس معافي ورتي آھي، معاملو ختم ڪرڻ ۾ نور الھديٰ شاھ ۾ اڪردار ادا ڪيو آھي.
ناليواري ليکڪا نور الھديٰ شاھ چيو ته ھو صنم ماروي جي ٿورائتي آھي، جنھن کيس مان ڏنو، ھو صنم ماروي کي ننڍي عمر کان سڃاڻي ٿي، احمد شاھ جي به ٿورائتي آھيان جيڪو ايترا ڏينھن خاموش رھيو، اسٽاف جي غلط فھمين سبب ھي معاملو ٿيو ھو.
صنم ماروي کي غلط فھمي ٿي، ڪو مسئلو ٿيو ئي نه ھو: احمد شاھ
آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر احمد شاھ چيو ته ھن جو صنم ماروي سان ڪو مسئلو ٿيو ئي ناھي، اسٽاف جي رويي سبب صنم کي غلط فھمي ٿي، ھو منھنجي ڀينرن ۽ ٻارن وانگر آھي، پھرين ڏينھن کان ساڻس گڏ آھيون، آرٽس ڪائونسل سمورن فنڪارن جو پليٽ فارم آھي، مان ذوالفقار شاھ ۽ نورالھديٰ شاھ جي چوڻ تي خاموش رھيس، ھو پنھنجن فنڪارن سان ناھن وڙھندا،

فنڪارا صنم ماروي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ھو ذوالفقار شاھ ۽ نورالھديٰ شاھ کي مان ڏيندي سمورا معاملا ختم ڪري رھي آھي، ھو پنھنجن وڏڙن جي عزت ڪندا آھن، اڄ سڀ وڏڙن کيس ھتي گھرايو ۽ معاملو ختم ڪرڻ جو چيو، جنھن تي ھو سڀني کي مان ڏئي رھي آھي.
صنم ماروي ۽ احمد شاھ جو سکر ۾ ڪھڙو مسئلو ٿيو ھو؟
10 آگسٽ تي سکر ۾ ٿيل جشن آزادي جي پروگرام بعد فنڪارا صنم ماروي آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر احمد شاھ کي ھرجاڻي جو نوٽيس اماڻيو ھو، جنھن ۾ ھن چيو ھو ته احمد شاھ پروگرام دوران ساڻس غلط رويو اختيار ڪيو ھو.
صنم ماروي جو چوڻ ھو ته وقت سر پروگرام تي پھچڻ باوجود احمد شاھ کيس واپس وڃڻ جو اشارو ڪندي چيو ته سنڌي فنڪار ڪمنٽمينٽ تي پورو ناھن لھندا، جنھن سبب اھي ترقي نھ ڪري سگھندا، ھو احمد شاھ کي ھرجاڻي جو نوٽيس اماڻي رھي آھي، ھو ان تي جواب جمع ڪرائي.
سوشل ميڊيا تي ٿيل بحث
10 آگسٽ تي سکر ۾ ٿيل مسئلي بعد سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي پيو، ناليوارا فنڪار، اداڪار ۽ صحافي صنم ماروي جي حق ۾ ميدان ۾ آيا، آرٽس ڪائونسل جي صدر کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جڏھن ته ڪجھ وري احمد شاھ جي حمايت ڪئي، پر آرٽس ڪائونسل جو صدر احمد شاھ ھن معاملي تي مسلسل خاموش رھيو، ھن ڪنھن به قسم جو رد عمل نھ ڏنو، احمد شاھ جي مسلسل خاموشي تي به تنقيدي ٿيندي رھي.
آرٽس ڪائونسل جي ميمبر ايوب شيخ جو رد عمل
سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد جي جواب ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي ميمبر ايوب شيخ چيو ته صنم ماروي مقرر ڪيل وقت تي پروگرام ۾ نھ پھتي، ڪو به وڏو مسئلو ناھي ٿيو، ڪجھ ماڻھو پرائي ڪلھن تي بندوق رکي ھلائي رھيا آھن، ايوب شيخ جي اھڙي بيان بعد سوشل ميڊيا تي کيس به تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، مختلف فنڪارن، اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن ايوب شيخ جي بيان تي رد عمل ڏنو.
سموري معاملي ۾ فنڪار سيف سميجي جي انٽري
صنم ماروي ۽ احمد شاھ ۾ ٿيل مسئلي بعد نوجوان فنڪار سيف سميجي پاران به احمد شاھ تي غلط رويي جو الزام لڳايو ويو، صحافي نصيرگوپانگ کي انٽرويو ڏيندي سيف سميجي چيو ته صنم ماروي سان اختيار ڪيل رويي تي کيس ڏک پھتو آھي، پر ھي پھريون ڀيرو ناھي، آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاھ ھن سان به اھڙو ئي رويو اختيار ڪيو ھو، ھن چيو ته کين ھڪ پروگرام ۾ گھرايو ويو، ھنن ڳائڻ شروع ڪيو ته مختلف ماڻھن ذريعي نياپو ڪري اسٽيج تان لھڻ جو چيو ويو، جنھن بعد ھو اسٽيج تان لھي ويو، پر ھن اھا شڪايت ڪنھن سان به نھ ڪئي.
مسئلو حل ڪرڻ ۾ صوبائي وزير ذوالفقار شاھ جو ڪردار
سياحت ۽ ثقافت وارو صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ پھرين ڏينھن کان مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو رھيو، 11 آگسٽ تي ھڪ ٽي وي چينل سان ڳالھائيندي ذوالفقار شاھ چيو ته صنم ماروي سنڌ جو اثاثو آھي، ھو کيس اڪيلو نھ ڇڏيندا، ھن چيو ته ھو ٻنھي ڌرين ۾ پيدا ٿيل مسئلو ختم ڪرائيندو، احمد شاھھ کي گھرجي ته ھو صنم ماروي کي رئو پارائي معاملو ختم ڪرائي، بعد ۾ ذوالفقار علي شاھ نامياري ليکڪا نور الھديٰ شاھ سان گڏجي مسئلو حل ڪرايو.