ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪچي آبادين جي ليز، غريبن لاءِ سستي بستين، ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ لائنز ايريا ريسيٽلمينٽ سميت مختلف معاملن تي بحث ٿيو، جڏهن ته اجلاس جي آخر ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي نعريبازي سبب ايوان ۾ شور شرابو پڻ ٿيو. ايم ڪيو ايم ميمبرن ”سنڌو ديش نامنظور“ جا نعرا هنيا ۽ سنڌو ديش خلاف قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي حڪومت تي تنقيد ڪئي.
سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن واري وقفي دوران هيومن سيٽلمينٽ بابت صلاحڪار نجمي عالم ڪچي آبادين بابت پاليسي واضح ڪندي چيو ته 2011ع کان اڳ قائم ٿيل ڪچي آباديون ليز ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته 2011ع کان پوءِ قائم ٿيل ڪنهن به ڪچي آبادي کي ليز نه ڏني ويندي.
نجمي عالم موجب ڪچي آبادي کي ليز ڏيڻ کان اڳ بورڊ آف روينيو کان اين او سي ورتو ويندو آهي، جڏهن ته پراڻين ڪچي آبادين ۾ اڳ ئي انفرااسٽرڪچر موجود آهي.
هن چيو ته جن آبادين مان رقم وصول ٿيندي آهي، ان جو 50 سيڪڙو ساڳئي آبادي جي ترقي تي خرچ ڪيو ويندو آهي.
صلاحڪار نجمي عالم چيو ته حڪومت 2011ع کان پوءِ نيون ڪچي آباديون وڌائڻ نٿي چاهي.
هن چيو ته 2011ع کان پوءِ ڪا نئين آبادي قائم ٿي آهي ته اها قبضو تصور ٿيندي ۽ لاڳاپيل کاتو ڪارروائي ڪندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪچي آبادين جو پهريان سروي ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته آبادين ۾ زمينن جي خريد ۽ وڪري کي روڪڻ لاءِ سروي فارم پڻ ورهايا ويندا آهن.
نجمي عالم ٻڌايو ته ڪراچي ۾ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ روينيو ڊپارٽمينٽ سان رابطو ڪيو ويو آهي، زمين ملڻ کان پوءِ سستي بستي قائم ڪئي ويندي، جتي غريب ماڻهن کي گهر حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو.
هن چيو ته ڪچي آبادي ۾ ڊسپنسري ۽ اسڪول لاءِ به جاءِ مخصوص ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته ڪجهه اين جي اوز جي سهڪار سان ڊسپنسريون قائم ڪيون پيون وڃن.
سندس چوڻ هو ته کاتي وٽ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ موجود آهي، جيڪو ڪچي آبادين جي منصوبابندي ۽ ڊيزائننگ ڪندو آهي. زمين قسطن تي ڏني ويندي، جڏهن ته حڪومت گهر ٺاهي نه ڏيندي.
نجمي عالم چيو ته ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن وٽ پنهنجن گهرن جا دستاويز موجود ناهن.
هن ٻڌايو ته ان معاملي تي ٿرپارڪر جي ايم پي ايز سان رابطو ڪيو ويو آهي ۽ چيئرمين جي هدايت آهي ته اهڙن ماڻهن کي پنهنجن گهرن جو مالڪ بڻايو وڃي.
هن واضح ڪيو ته اين او سي کانسواءِ ڪا به نئين آبادي قائم نٿي ڪري سگهجي.
اجلاس دوران عبدالوسيم چيو ته ڪراچي جي آبادي مسلسل وڌي رهي آهي ۽ ٻاهرين علائقن مان ماڻهن جي اچ وڃ سبب شهر تي آبادي جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي.
نجمي عالم پڻ چيو ته ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي رهي آهي ۽ ٻاهران ماڻهو شهر ۾ اچي رهيا آهن.
هن لائنز ايريا منصوبي بابت ٻڌايو ته اهو منصوبو مڪاني حڪومت جي کاتي سان لاڳاپيل آهي.
ڌيان ڇڪايو نوٽيس دوران عامر صديقي آدم ڪالوني ۽ سولجر بازار ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو اٿاريو.
هن چيو ته هو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ان مسئلي ڏانهن توجهه ڇڪائيندو رهيو آهي ۽ وزير مڪاني حڪومت طرفان پاڻي جا ڪنيڪشن ختم ڪرائڻ جي خاطري پڻ ڪرائي وئي هئي.
قاسم سراج سومرو چيو ته مسئلو حل ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون وينديون، جڏهن ته اهو واٽر ڪارپوريشن سان لاڳاپيل معاملو آهي.
هن چيو ته ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي ورڇ جو مسئلو موجود آهي، ڪجهه علائقن کي 12 ڪلاڪ ۽ ٻين علائقن کي 12 ڪلاڪ پاڻي ڏنو وڃي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته جن علائقن مان بلنگ تقريبن صفر آهي، اتي ماڻهو پاڻي جا بل ادا نٿا ڪن، تنهنڪري چونڊيل نمائندا عوام کي بل ادا ڪرڻ لاءِ چئو.
ٻئي ڌيان ڇڪايو نوٽيس دوران فيصل رفيق چيو ته هو گذريل اڍائي سالن کان لائنز ايريا جي مسئلن ڏانهن توجهه ڇڪائي رهيو آهي، پر مسئلا حل نه ٿيا آهن.
قاسم سراج سومرو ٻڌايو ته لائنز ايريا منصوبي لاءِ نئون پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ڪيدر آفيسر به مقرر ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته ڪافي عرصي کان بورڊ جو اجلاس نه ٿيو آهي، هاڻي بورڊ جي اجلاس ۾ ريسيٽلمينٽ لاءِ پلاٽن جي ڳولا بابت فيصلو ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ان لاءِ 10 کان 12 ڏينهن صبر ڪرڻو پوندو، وزير جي واپسي کان پوءِ بورڊ جو اجلاس ٿيندو.
اجلاس جي آخري مرحلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن شور شرابو شروع ڪري ڇڏيو ۽ ”سنڌو ديش نامنظور“ جا نعرا هنيا.
اسپيڪر ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”جيڪو ڪجهه ٿيڻو هو، اهو ڪالهه ٿي ويو، اڄ توهان ڇا ڪندا؟“
ان دوران قانون واري وزير شور شرابو جاري هئڻ باوجود آڊٽ رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي.
بعد ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن منجهند 2:30 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
اجلاس کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته اڄ اسيمبلي جو اجلاس هو ۽ ڪالهه سندس تقرير نون صوبن بابت هئي.
هن دعويٰ ڪئي ته اپوزيشن جون تجويزون قرارداد جو حصو نه بڻايون ويون، جڏهن ته ايم ڪيو ايم علحدگي پسند تحريڪن خلاف قرارداد جو حصو شامل ڪرڻ چاهي ٿي.
علي خورشيدي موجب ايم ڪيو ايم اڄ سنڌو ديش خلاف قرارداد پيش ڪرڻ چاهي ٿي، پر حڪومت طرفان اها قرارداد ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
هن اسپيڪر تي حڪومتي دٻاءَ ۾ هجڻ جو الزام پڻ لڳايو ۽ چيو ته سنڌو ديش جي هلندڙ تحريڪ خلاف قرارداد کي ايوان ۾ نه آندو ويو.
ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارلياماني ليڊر طحٰه احمد چيو ته پيپلز پارٽي جو رويو تعصبي ۽ آمراڻو آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي دفاعي لائن جي حفاظت ڪندي ۽ سمورين علحدگي پسند تحريڪن خلاف آهي.
طحٰه احمد جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ سنڌو ديش جي تحريڪ هلي رهي آهي، تنهنڪري علحدگي پسند تحريڪن خلاف قرارداد آڻڻ گهرجي هئي.
هن الزام لڳايو ته پيپلز پارٽي سنڌو ديش خلاف قرارداد ايوان ۾ آڻڻ نه ڏني.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ”هي اسان جو وطن پاڪستان آهي“ ۽ سنڌو ديش جي نظريي خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌو ديش خلاف قرارداد نه وٺندڙن کي سنڌ جا حامي نٿو چئي سگهجي، جڏهن ته سندس الزام موجب سنڌو ديش جي نظريي سان لاڳاپيل ماڻهو حڪومتي بينچن تي به ويٺل آهن.