ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ حڪومت عوام کي جديد، محفوظ ۽ ماحول دوست سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جي اجلاس ۾ پيپلز بس سروس جي نون شهرن ۽ روٽن تائين توسيع، ڊبل ڊيڪر بسون، اي وي ٽيڪسي سروس، پنڪ اسڪوٽيز ۽ بي آر ٽي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي زبير چنه، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بهزاد ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي صوبي ۾ پيپلز بس سروس جي جاري آپريشن ۽ مختلف شهرن تائين سروس جي توسيع بابت بريفنگ ڏني وئي.
آفيسرن ٻڌايو ته قمبر شهدادڪوٽ کان لاڙڪاڻي تائين پيپلز بس سروس جلد شروع ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ان روٽ لاءِ بسون لاڙڪاڻي پهچي چڪيون آهن.
بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊبل ڊيڪر بسين جي آمد ۽ انهن کي آپريشنل ڪرڻ بابت انتظامن کي به آخري شڪل ڏني پئي وڃي.
اجلاس ۾ اليڪٽرڪ گاڏين تي ٻڌل اي وي ٽيڪسي سروس جي آپريشنل ماڊل ۽ سروس شروع ڪرڻ لاءِ گهربل قدمن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.
شرجيل انعام ميمڻ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته نون روٽن تي بس سروس شروع ڪرڻ لاءِ سمورا انتظام مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن، جيئن عوام کي سفري سهولتن مان جلد فائدو ملي سگهي.
هن چيو ته پيپلز بس سروس جو دائرو وڌائڻ جو مقصد عوام کي بهتر، محفوظ ۽ آسان پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي.
سينيئر وزير ٻڌايو ته 5 سيپٽمبر تي ميرپورخاص ۾ پنڪ اسڪوٽيز ورهائڻ وارو پروگرام منعقد ڪيو پيو وڃي.
شرجيل ميمڻ چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين تعليم، روزگار ۽ ٻين ضروري سرگرمين تائين آسان رسائي فراهم ڪرڻ لاءِ پنڪ اسڪوٽيز پروگرام هڪ انقلابي قدم آهي.
اجلاس دوران بي آر ٽي منصوبن تي جاري ڪم جي رفتار جو پڻ جائزو ورتو ويو.
شرجيل انعام ميمڻ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته بي آر ٽي منصوبن تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي ۽ غير ضروري دير کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته سمورا لاڳاپيل ادارا باهمي رابطي سان ڪم ڪن، جيئن منصوبن جي تڪميل ۾ رڪاوٽون ختم ڪري سگهجن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ جديد، محفوظ ۽ ماحول دوست پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام قائم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي.
هن چيو ته پيپلز بس سروس کي مختلف شهرن تائين وڌائڻ، اليڪٽرڪ ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ وڏن بي آر ٽي منصوبن تي ڪم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي جامع ٽرانسپورٽ پاليسي جو اهم حصو آهي.
سينيئر وزير موجب، جديد سفري سهولتن جي فراهمي سان نه رڳو عوام کي بهتر آمدورفت جون سهولتون ملنديون، پر شهرن ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلن کي به گهٽائڻ ۾ مدد ملندي.