سرگوڌا ۾ سفري سهولتن ۾ واڌ، مريم نواز وڌيڪ 7 اليڪٽرڪ بسون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

لاهور(ويب ڊيسڪ): وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف سرگوڌا ۾ عوام لاءِ سفري سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ 7 اليڪٽرڪ بسون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف سان سرگوڌا جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي، جنهن دوران شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن، اليڪٽرڪ بس سروس ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات ۾ صوبائي وزير صهيب احمد ملڪ، منصور اعظم، ميان سلطان رانجھا، اڪرام الحق، صفدر حسين ساهي، رانا منور حسين، تيمور علي خان ۽ سردار عاصم شير ميڪن شرڪت ڪئي.

صوبائي اسيمبلي ميمبرن سرگوڌا ۾ نواز شريف انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جي قيام ۽ رڪارڊ وقت ۾ ان جي تعمير مڪمل ٿيڻ تي مريم نواز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو، جڏهن ته شهر ۾ اليڪٽرڪ بس سروس شروع ڪرڻ تي پڻ سندس ٿورا مڃيا.

مريم نواز ملاقات دوران سرگوڌا لاءِ وڌيڪ 7 اليڪٽرڪ بسون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن اسيمبلي ميمبرن کي مثالي ڳوٺ، سٿرا پنجاب پروگرام ۽ صاف پاڻي منصوبي جي سخت نگراني ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

ملاقات دوران سرگوڌا ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزن ۽ سفارشن تي پڻ غور ڪيو ويو، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي ميمبرن وڏي وزير کي ترقياتي منصوبن بابت عوام جي مثبت موٽ کان آگاهه ڪيو.

صوبائي اسيمبلي ميمبرن موجب ڀلوال، ڀيرا، سلانواڻي، يونيورسٽي، ڊي ايڇ ڪيو، شاهين آباد، ڪوٽ مومن ۽ تحصيل ساهيوال سميت مختلف علائقن جا روزانو هزارين ماڻهو اليڪٽرڪ بس سروس مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته سرگوڌا ۾ نواز شريف انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جو قيام هڪ ناقابلِ فراموش قدم آهي، جڏهن ته مريم نواز جي عوامي ڀلائي وارن منصوبن کي پاڪستان سان گڏ پرڏيهه ۾ پڻ ساراهيو پيو وڃي.

مريم نواز شريف چيو ته اليڪٽرڪ بس ۾ عوام، خاص طور ٻارن ۽ عورتن کي آرامده سفر ڪندي ڏسي دلي اطمينان ٿئي ٿو.

هن چيو ته سرگوڌا سميت پنجاب جي هر شهر کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو ويو آهي ۽ عوام جي سهولت لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته پنجاب جي هر حصي ۾ بنا ڪنهن فرق جي ترقي ڪرائڻ نواز شريف جو ويزن آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں