مري (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي سياحتي شهر مري جي يو سي مسياڙي جي ڳوٺ گوھڙه ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ ماءُ تي مبينا طور 2 مهينن جي ٻار کي برساتي نالي ۾ اڇلائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.
مري جي ڊي پي او موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس برساتي نالي مان 2 مهينن جي ٻار جو لاش ڪڍي ورتو آهي.
پوليس موجب واقعي کان پوءِ ٻار جي والدين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.
ڊي پي او مري جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ قانوني ڪارروائي اڳتي وڌائي پئي وڃي.
پوليس جي ابتدائي جاچ موجب، گرفتار ٿيل ماءُ مبينا طور بيان ڏنو ته سندس اڳ ئي 6 ٻار آهن ۽ هوءَ وڌيڪ ٻار جي پرورش ڪرڻ جي قابل ناهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جا سمورا تفصيل جاچ کان پوءِ وڌيڪ واضح ٿيندا، جڏهن ته ٻار جي لاش بابت ضروري قانوني ڪارروائي پڻ ڪئي پئي وڃي.
واقعو سامهون اچڻ کان پوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ افسوس جي لهر پکڙجي وئي آهي.