ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪندي 12 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته فورسز جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي مان هٿيار، گولا بارود ۽ آءِ اي ڊيز پڻ هٿ آيون.
پاڪ فوج جي اداري آءِ ايس پي آر موجب قلات ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت انٽيليجنس اطلاع ملڻ کان پوءِ آپريشن ڪيو ويو. فورسز پهريان دهشتگردن جي ٺڪاڻي جي نشاندهي ڪئي، جنهن جي نگراني کان پوءِ بروقت ڪارروائي ڪري 12 دهشتگردن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي مان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته آءِ اي ڊيز کي به موقعي تي ئي تباهه ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ باقي ممڪن دهشتگردن جي ڳولا پڻ ڪئي پئي وڃي.
آءِ ايس پي آر موجب ”عزمِ استحڪام“ جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردي خلاف بنا فرق ڪارروايون جاري رهنديون.
آءِ ايس پي آر موجب ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رکڻ جو عزم برقرار آهي.
ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير جي معاون شاهد رند دعويٰ ڪئي آهي ته ڀاڳ شهر ۾ به دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو.
شاهد رند موجب دهشتگردن پوليس اسٽيشن، بينڪ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس اهلڪارن جي مزاحمت سبب دهشتگرد پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ويا.
بلوچستان جي وڏي وزير جي معاون موجب لڳ ڀڳ 40 دهشتگردن ڳري هٿيارن، راڪيٽن ۽ دستي بمن سان حملو ڪيو.
هن دعويٰ ڪئي ته دهشتگرد ڀاڳ پوليس اسٽيشن تي قبضو ڪرڻ ۽ اتي موجود هٿيار کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ سبب 2 پوليس اهلڪار ۽ 3 شهري زخمي ٿيا.
شاهد رند موجب دهشتگرد بينڪ مان ڪا به رقم ڦرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا.
هن ٻڌايو ته بم ڊسپوزل يونٽ بينڪ اندر دهشتگردن طرفان لڳايل آءِ اي ڊي کي به ناڪاره بڻائي ڇڏيو.
سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ٻنهي واقعن بابت وڌيڪ ڪارروائي ۽ جاچ جاري آهي.