بشريٰ انصاري طلاق باوجود پاڻ کي ”انصاري“ ڇو ٿي سڏائي ؟ اداڪارا سبب ٻڌائي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ): پاڪستان جي سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري پنهنجي پهرين مڙس کان طلاق کانپوءِ به نالي سان ”انصاري“ برقرار رکڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي. اداڪارا جو چوڻ آهي ته سندس ڌيئرن جو خانداني نالو به انصاري آهي، تنهن ڪري هوءَ پنهنجو نالو تبديل ڪري ماڻهن کي مونجهاري ۾ وجهڻ نٿي چاهي.

تازو هڪ انٽرويو دوران ميزبان اداڪارا جو تعارف ”بشريٰ بشير“ جي نالي سان ڪرايو، جنهن تي بشريٰ انصاري وضاحت ڪندي چيو ته سندس نالو بشريٰ انصاري آهي، جڏهن ته سرڪاري ڪاغذن ۾ سندس نالو ”بشريٰ بشير“ لکيل آهي.

اداڪارا ٻڌايو ته ڪيترائي ماڻهو کيس صلاح ڏيندا آهن ته هوءَ پنهنجي نالي مان ”انصاري“ هٽائي ڇڏي، پر هوءَ ائين ڪرڻ نٿي چاهي.

بشريٰ انصاري جو چوڻ هو ته هوءَ پنهنجي نالي مان ”انصاري“ هٽائي ماڻهن کي الجهائڻ نٿي چاهي.

هن مثال ڏيندي چيو ته اداڪارا صبا حميد سان به اهڙي صورتحال رهي، جتي گهڻي عرصي تائين ماڻهو کيس ”صبا پرويز“ جي نالي سان سڃاڻيندا رهيا.

بشريٰ انصاري چيو ته سندس ٻنهي ڌيئرن جو نالو به انصاري آهي ۽ سندس اڳوڻي مڙس کي به سندس نالي سان ”انصاري“ رکڻ تي ڪو اعتراض ناهي، تنهن ڪري ٻين ماڻهن کي ان بابت پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.

واضح رهي ته بشريٰ انصاري جي پهرين شادي اقبال انصاري سان ٿي هئي، جنهن مان کين ٻه ڌيئرون آهن.

رپورٽن موجب، ٻنهي جي شادي لڳ ڀڳ 36 سالن تائين قائم رهي، جنهن کانپوءِ سندن ازدواجي رشتو ختم ٿي ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں