ڪراچي جَي صحافي خاور حسين جو سانگھڙ ويجھو گاڏيءَ مان گولي لڳل لاش ھٿ اچڻ وارو معاملو اڃا ڳجھارت بڻيل آھي، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد فيصل بشير ميمڻ چيو آھي تھ گاڏيءَ مان مليل پسٽل صحافي خاور حسين جو ئي آھي.
ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ ٻڌايو ته خاور حسين سانگھڙ ويجھو حيدرآباد روڊ تي ھڪ ھوٽل ٻاھران گاڏي بيھاري ھئي، ھو گاڏي پارڪ ڪرڻ بعد ٻھ ڀيرا ھوٽل جي واش روم ويو.
سي سي ٽي وي فٽيج موجب صحافي خاور حسين اڪيلو ھو، خاور ھوٽل جي مئنيجر کان واش روم جو پڇيو ۽ واپس اچي گاڏيءَ ۾ ويھي رھيو.
ڊي آءِ جي موجب خاور ٻيھر گاڏيءَ مان لٿو ۽ چوڪيدار کان واش روم جو پڇيو، ھو ٻيھر واش روم وٽ وڃي وري واپس اچي گاڏيءَ ۾ ويھي رھيو.
ڊي آءِ جي ٻڌايو ته سي سي ٽي وي فٽيج ۾ خاور اڪيلو نظر اچي رھيو آھي، سي سي ٽي وي ڪيمرا ڊرائيونگ سيٽ جي ٻئي پاسي کان لڳل ھئي، ھوٽل جي مئنيجر چوڪيدار کي چيو ته گھڻي دير ٿي وئي آھي، ھن کان آرڊر پڇي اچو، چوڪيدار گاڏيءَ وٽ ويو ته کيس گاڏي اندر خاور جو گولي لڳل لاش نظر آيو.
ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ وڌيڪ ٻڌايو ته خاور مئي ۾ پنھنجي والدين کي آمريڪا منتقل ڪري ڇڏيو ھو، خاور سانگھڙ ۾ پنھنجي ڀيڻيوي جي گھر رٿيل مجلس ۾ شرڪت لاءِ آيو ھو پر ھو مجلس ۾ نه پھچي سگھيو.
سانگھڙ پوليس خاور حسين جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو، سول اسپتال جي سرد خاني جي بجلي بند ھئڻ سبب لاش کي بعد ۾ ھلال احمر جي سرد خاني منتقل ڪيو ويو.
خاور ٿوري دير لاءِ ريسٽورنٽ آيو هو
سانگهڙ سان تعلق رکندڙ صحافي محمد علي شر موجب خاور حسين واقعي کان اڳ ٿوري دير لاءِ ريسٽورنٽ آيو هو، هن گاڏي پارڪ ڪئي، واش روم استعمال ڪيو ۽ اوچتو ٻاهر نڪري ويو، بعد ۾ خبر پئي ته سندس لاش ساڳئي ريسٽورنٽ جي سامهون گاڏي مان مليو.
” مون کي نه ٿو لڳي ته خاور آپگهات ڪندو “
خاور حسين جو قريبي دوست آصف رضا زئي جيڪو پاڻ به مقامي صحافي آهي، سندس چوڻ هو ته جڏهن به خاور ڪراچي کان سانگهڙ ايندو هو ته مونکي ضرور اطلاع ڏيندو هو، پر هن ڀيري نه ٻڌايو ۽ هاڻي سندس موت جي خبر ملي آهي، يقين ئي نٿو اچي ته خاور سان واقعو پيش آيو آهي ۽ هو زندگي جي جنگ هارائي ويو آهي.

اي آر واءِ نيوز جي رپورٽر ۽ خاور حسين جي قريبي دوست سنجي ساڌواڻي ٻڌايو ته ”اسان گذريل ڏهه سالن کان گڏجي رپورٽنگ ڪري رهيا هئاسين، تازو ئي گڏجي لاھور ۽ اسلام آباد جي صحافتي ٽور تي وياسين، هو ڏاڍو خوش مزاج شخص هو، مون کي يقين نٿو اچي ته هو آپگهات ڪري سگهي ٿو، معاملي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي۔“
” قابلِ اعتماد آفيسر کان جاچ ڪرائڻ جو حڪم “
سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه صحافي خاور حسين جي غير فطري موت جو نوٽيس ورتو آهي۔ ترجمان موجب وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي پوليس کي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ بهترين آفيسر کي جاچ سونپڻ جي هدايت ڪئي آهي۔
مراد علي شاهه چيو ته خاور حسين جي موت تي ڏک ٿيو، پوليس اڻڌري جاچ ڪري اصل سبب معلوم ڪري۔
گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري به خاور حسين جي قتل تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ”خاور حسين جو قتل صحافت ۽ سماج لاءِ وڏو سانحو آهي، مڪمل ۽ شفاف جاچ لاءِ ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔
سنڌ جي قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏيندي ايس ايس پي سانگهڙ کي هدايت ڪئي ته مختلف رخن سان جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خاور حسين نه صرف پروفيشنل صحافي هو پر منهنجي ويجهن دوست مان هو، سندس اوچتو وڇوڙو وڏو نقصان آهي، حڪومت وارثن سان مڪمل سهڪار ڪندي
اپوزيشن ليڊر سنڌ علي خورشيدي چيو ته خاور حسين جون صحافتي خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن، الله پاڪ مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجا عطا ڪري، وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون
” ڪراچي پريس ڪلب ۽ صحافتي تنظيمن جو جاچ جو مطالبو “
ڪراچي پريس ڪلب پنهنجي ميمبر ۽ ڊان نيوز جي رپورٽر خاور حسين جي موت تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کان فوري ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي۔
صدر فاضل جميل، سيڪريٽري سهيل افضل خان ۽ ٻين پنهنجي بيان ۾ چيو ته خاور حسين جو لاش گاڏي مان هٿ اچڻ انتهائي افسوسناڪ آهي، واقعي صحافتي برادري کي صدمو پهچايو آهي۔
ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (دستور) به واقعي تي افسوس ڪندي وزيراعليٰ سنڌ ۽ گهرو وزير کي اپيل ڪئي آهي ته اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺاهي واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي۔
صدر نصرالله چوڌري ۽ سيڪريٽري ريحان خان چشتي وارثن سان رابطو ڪري هر قسم جي مدد جي خاطري پڻ ڪرائي آهي.
ڪرائيم رپورٽرز ايسوسيئيشن به واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي۔