شاهه فرمان بابت جنيد اڪبر جي مبينا آڊيو ليڪ، سنگين الزامن سان سياسي ڇڪتاڻ تيز

فہرستِ مضامین

پشاور(ويب ڊيسڪ): پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخوا جي صدر جنيد اڪبر ۽ پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گورنر شاهه فرمان وچ ۾ الزامن ۽ وضاحتن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، جڏهن ته جنيد اڪبر جي شاهه فرمان بابت مبينا آڊيو سامهون اچڻ بعد سياسي حلقن ۾ بحث ڇڙي ويو آهي.

مبينا آڊيو ۾ جنيد اڪبر کي شاهه فرمان بابت مختلف سنگين الزام لڳائيندي ٻڌي سگهجي ٿو. جنيد اڪبر مبينا طور دعويٰ ڪئي ته ملاڪنڊ کي سڀ کان گهٽ فنڊز مليا، جڏهن ته هن ڪڏهن به پنهنجي يا ڪنهن مائٽ لاءِ ڪا سهولت يا فائدو نه گهريو ۽ نه ئي ٽرانسفر پوسٽنگ ۾ مداخلت ڪئي.

مبينا آڊيو موجب جنيد اڪبر الزام لڳايو ته شاهه فرمان پنهنجي ڀاءُ کي پارٽي ٽڪيٽ ڏني هئي ۽ هڪ ٺيڪيدار کان پنهنجا خرچ هلائيندو هو.

جنيد اڪبر مبينا طور اها به دعويٰ ڪئي ته شاهه فرمان اڳوڻي صوبائي وزير شڪيل خان سان ڳالهائيندي هڪ شخص کان هڪ ارب رپيا وٺڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن ۾ مبينا طور 50 ڪروڙ رپيا سندس ۽ 50 ڪروڙ رپيا شڪيل خان جا هجڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي.

جنيد اڪبر مبينا آڊيو ۾ اهڙي عمل تي تنقيد ڪندي چيو ته هو پاڻ ڪنهن کان ڪجهه گهرڻ کي پسند نٿو ڪري.

ٻئي طرف اڳوڻي گورنر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه فرمان جنيد اڪبر جي مبينا آڊيو ۾ لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته انهن الزامن جي ڪا اهميت ناهي.

شاهه فرمان موجب جنيد اڪبر کي پارٽي طرفان جيڪا ذميواري ڏني وئي آهي، کيس ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته مٿس ڪرپشن جا الزام لڳائڻ کان اڳ جنيد اڪبر کي سوچڻ گهرجي.

شاهه فرمان چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان مٿس اعتماد ڪندي کيس پارٽي جي احتساب ڪميٽي جو ميمبر بڻايو هو.

هن پنهنجي صفائي پيش ڪندي دعويٰ ڪئي ته گورنر طور پنهنجي دور ۾ هن سرڪاري خزاني ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا هئا.

جنيد اڪبر جي مبينا آڊيو ۽ شاهه فرمان جي ان تي ردعمل کان پوءِ پي ٽي آءِ اندروني معاملن، پارٽي قيادت ۽ اڳواڻن وچ ۾ اختلافن بابت نئون بحث شروع ٿي ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں