ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه خبردار ڪيو آهي ته سنڌ جي مستقبل ۽ وحدت جو فيصلو ڪنهن ٻئي هنڌ ويهي نٿو ڪري سگهجي، قومي اسيمبلي کي به سنڌ جي ورهاڱي بابت ڳالهائڻ جو حق ناهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام جي جذبن ۽ احساسن کي نظرانداز ڪري نون صوبن يا انتظامي يونٽن بابت فيصلا ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا.
سنڌ اسيمبلي ۾ نون صوبن جي قيام بابت پيپلزپارٽي جي مھملي واري رٿ تي چوٿين ڏينهن به بحث جاري رهيو، جنهن دوران سنڌ جي ورهاڱي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي. قرارداد پيپلزپارٽي جي ميمبر نثار کهڙي طرفان پيش ڪئي وئي.
سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ نوان صوبا نه ٺهڻ گهرجن، جڏهن ته سنڌ جي مستقبل بابت فيصلو سنڌ اندر ئي ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته بحث دوران خبر پئجي ويندي ته ڪير سنڌ سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪير ٻٽو معيار اختيار ڪري رهيو آهي. سنڌ جي عوام جي جذبات ۽ احساسن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
مراد علي شاهه چيو ته ماضي ۾ ون يونٽ قائم ڪرڻ وقت به سنڌ جي عوام جي جذبن کي نظرانداز ڪيو ويو، پر هاڻي سنڌ جي مستقبل بابت ڪو به فيصلو ڪنهن ٻئي هنڌ ويهي نٿو ڪري سگهجي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ جي معاملن بابت غير لاڳاپيل فورمن تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ڳڻتي جوڳي آهي. هن هڪ پروگرام ۾ ”دي سسٽم هيز ڪوليپسڊ“ واري ڳالهه جو حوالو ڏيندي سوال ڪيو ته ڇا هاڻي پاڪستان کي نچوڙيندڙ ارب پتي ڪاروباري ماڻهو نون صوبن جو فيصلو ڪندا؟
هن واضح ڪيو ته سنڌ جي وحدت ۽ مستقبل بابت فيصلو سنڌ جي عوام جي خواهشن ۽ آئيني طريقيڪار موجب ئي ٿيڻ گهرجي.
مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم جي موقف تي به سخت تنقيد ڪئي. سندس چوڻ هو ته مصطفىٰ ڪمال انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪري ٿو، جڏهن ته هتي اچي ايم ڪيو ايم جا نمائندا چون ٿا ته سنڌ کي ورهائڻ نه گهرجي.
وڏي وزير سوال ڪيو ته ”ايم ڪيو ايم وارا ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن؟“
هن دعويٰ ڪئي ته موجوده اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪجهه ميمبر عوام جي سڌي ووٽ ذريعي چونڊجي نه آيا آهن، پر مخصوص طريقيڪار تحت ايوان جو حصو بڻيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته ضرورت پوڻ تي انهن جي چونڊ بابت تفصيل مناسب وقت تي سامهون آڻي سگهجن ٿا.
نوان صوبا ٺاهڻ بابت بحث تي مراد علي شاهه چيو ته صرف آبادي کي بنياد بڻائي نون صوبن جو مطالبو نٿو ڪري سگهجي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مسئلو گورننس جو آهي ته سنڌ کي ورهائڻ بدران انتظامي نظام کي بهتر بڻائڻ، ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ بابت بحث ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته انتظامي معاملن کي سنڌ جي ورهاڱي سان گڏ ملائڻ مناسب ناهي، جڏهن ته مقامي حڪومتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ پيپلزپارٽي جي ترجيحن ۾ شامل آهي.
مراد علي شاهه چيو ته اختيارن کي نچلي سطح تائين منتقل ڪرڻ بابت تفصيلي بحث ٿي سگهي ٿو ۽ مقامي حڪومتن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قانون ۾ وڌيڪ ترميمن تي پڻ ڪم جاري آهي.
هن زور ڏنو ته سنڌ جي انتظامي بهتري لاءِ سڌارا آڻي سگهجن ٿا، پر انتظامي سڌارن کي سنڌ جي ورهاڱي جو جواز بڻائڻ قبول نه ڪيو ويندو.
سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي ورهاڱي خلاف قرارداد جي منظوري کانپوءِ صوبائي وحدت بابت سياسي بحث وڌيڪ تيز ٿيڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته وڏي وزير جو قومي اسيمبلي کي ڏنل سخت پيغام پڻ سياسي حلقن ۾ اهميت اختيار ڪري ويو آهي.