ڪراچي (بيورو رپورٽ): مير رضا علي جي گمشدگي ۽ موت جي جاچ لاءِ جسٽس عمر سيال جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي دوران سندس ڪاروباري پارٽنر احمد ڀردي کان ڪاروباري معاملن، مالي ڏيتي ليتي، مير رضا سان رابطن، گمشدگي واري ڏينهن جي واقعن، سي سي ٽي وي فوٽيج، ايپل واچ ۽ وينڊرز جي ادائيگين بابت سخت سوال ڪيا ويا، جڏهن ته بعد ۾ ايس ڊي پي او ارشد آفريدي کان پڇا ڳاڇا دوران پوليس جي شروعاتي ڪارروائي ۽ خاندان کي ڏنل معلومات بابت به اهم تضاد سامهون آيا.
ڪميشن آڏو احمد ڀردي ٻڌايو ته هو مير رضا کي پهرين ڪلاس کان سڃاڻي ٿو ۽ ٻنهي وچ ۾ دوستي سان گڏ ڪاروباري تعلق پڻ هو. سندس موجب 2020ع ۾ گڏيل ڪاروبار شروع ڪيو ويو، جنهن تحت وافلڪس جون ٻه برانچون ۽ ٻه ڪلائوڊ ڪچن هلندا هئا.
احمد موجب ڪاروبار شروع ڪرڻ وقت پارٽنرشپ ڊيڊ تيار ڪئي وئي هئي ۽ هو ۽ مير رضا گڏجي سموريون برانچون هلائيندا هئا. سندس دعويٰ هئي ته ڪاروبار سٺو هلي رهيو هو، جڏهن ته ذاتي خرچن لاءِ روزانو 5 هزار رپيا ڪڍڻ جو طئي ٿيل هو.
ڪاروبار جا حساب ڪتاب ڪير ڏسندو هو؟
ڪميشن پڇيو ته ڪاروبار جا مالي معاملا ڪير سنڀاليندو هو، جنهن تي احمد ٻڌايو ته جولاءِ تائين هو ۽ مير رضا پاڻ حساب ڪتاب ڏسندا هئا، جڏهن ته بعد ۾ اڪائونٽنٽ رکيو ويو.
احمد موجب 28 جولاءِ تي مير رضا جي گمشدگي دوران صبح تقريبن 8 وڳي هو پنهنجي ڪار ۾ مير رضا جي گهر ويو، جتي سندس ڀاءُ عبدالله پڻ ساڻس گڏ هو. گهر پهچڻ وقت مئنيجر شيري، ڪاظم، رازق ۽ حثيم پڻ موجود هئا.
احمد ٻڌايو ته هنن خاندان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مير رضا جي ڪمري ۾ پڻ ويا، جتي سندس والٽ، چارجر ۽ چاٻيون موجود هيون.
احمد وڌيڪ چيو ته مير رضا ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ جي پيڪٽن ۾ چرس پڻ رکندو هو، جنهن تي ڪميشن سخت سوال ڪندي پڇيو ته ذاتي ڪمري جي تلاشي وٺڻ ۽ اهڙي ذاتي ڳالهه کي بيان ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي وئي؟
صبح 4 لڳي 2 منٽن تي آخري واٽس ايپ رابطو
احمد ڀردي موجب مير رضا سان سندس آخري ڀيرو 28 جولاءِ تي صبح 4 لڳي 2 منٽن تي واٽس ايپ ذريعي رابطو ٿيو هو.
هن ٻڌايو ته ٻن وينڊرز کي ادائيگي بابت مير رضا سان ڪوڊ ورڊز ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، جڏهن ته مير رضا مذاق ۾ هڪ دوا جو نالو پڻ لکيو هو.
احمد موجب مير رضا جي ايپل واچ جي نوٽس ۾ مختلف ماڻهن کي ادائيگين بابت ڄاڻ موجود هئي، جڏهن ته هڪ نوٽ ۾ 3 ڪروڙ رپين جي ضرورت جو به ذڪر هو.
مير رضا جي نمبر بدران احمد جو نمبر لڳائڻ بابت سوال
ڪميشن احمد کان پڇيو ته ڇا هن وينڊرز وٽ مير رضا جي نمبر بدران پنهنجو نمبر لڳائڻ لاءِ چيو هو؟ احمد اهڙي هدايت ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
ڪميشن ٻڌايو ته هڪ وينڊر جي فوڪل پرسن پنهنجي بيان ۾ احمد جو نالو ورتو آهي ۽ الزام آهي ته ڪاظم ذريعي پروموشنل مواد مان مير رضا جا تفصيل تبديل ڪري احمد جا تفصيل شامل ڪرڻ لاءِ چيو ويو.
احمد ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ ڪاروبار ۾ نئون نمبر استعمال ڪيو ويو هو، جيڪو سندس ڪزن واسع ڀردي جي نالي تي رجسٽرڊ هو.
ڪميشن سوال ڪيو ته ڪاروبار توهان ۽ مير رضا جو آهي، پر نمبر نه توهان جي نالي تي آهي ۽ نه مير رضا جي نالي تي، ائين ڇو؟
ڪميشن نئون نمبر پڻ پيش ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي احمد چيو ته کيس نمبر ياد ناهي.
وافِلڪس جي سي سي ٽي وي بابت به سخت سوال
احمد موجب وافلڪس بهادرآباد جي سي سي ٽي وي تائين کيس ان وقت رسائي ملي، جڏهن مئنيجر ڪاظم فون ڪري گارڊ جو پستول گم ٿيڻ بابت اطلاع ڏني.
هن ٻڌايو ته هو رات ساڍي 9 وڳي وافلڪس پهتو ۽ ڪيمرا سسٽم بابت ڪم ڪندڙ مبين سان رابطو ڪيو. مبين مئنيجر شيري جي موبائل فون تي ڪيمرا سسٽم جي رسائي ڏني.
احمد موجب هن سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري فيروزآباد ٿاڻي تي جمع ڪرائي، جڏهن ته سندس دوست حسن سوريا کيس پوليس کي اطلاع ڏيڻ جي صلاح ڏني هئي.
ڪميشن سوال ڪيو ته باقي فوٽيج ڇو نه ڏيکاري وئي ۽ پوليس کي پنهنجي مطلب جا رڳو ٻن ٻن سيڪنڊن جا ڪلپ ڇو ڏنا ويا؟
احمد وضاحت ڪئي ته شروعات ۾ مختصر فوٽيج موجود هئي، جڏهن ته ٽن ڏينهن بعد مڪمل ڊي وي آر ايس ايڇ او فيروزآباد حوالي ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته ڊي وي آر پوليس حوالي ڪرڻ وقت پوليس ڪنهن به دستاويز تي سندس صحيح نه ورتي ۽ نه ئي سندس سامهون ڊي وي آر کي سيل ڪيو ويو.
مير رضا جي خاندان کي مالي پريشاني جو به ذڪر
احمد ڪميشن کي ٻڌايو ته مير رضا پنهنجي والد جي قرضن سبب مالي دٻاءُ جو شڪار هو.
سندس دعويٰ موجب خاندان جا مالي مسئلا گذريل سال کان شروع ٿيا هئا. مير رضا کيس ٻڌايو هو ته سندس والد جو هڪ ڪنٽينر گم ٿي ويو هو، جڏهن ته سندس والده پنهنجا زيور پڻ وڪڻي ڇڏيا هئا.
احمد موجب قرض ڏيندڙ ماڻهو مير رضا جي خاندان کي تنگ ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهر تائين پڻ ايندا هئا.
ڪاروبار ۾ وڌيڪ ڀائيوارن بابت سوال
ڪميشن پڇيو ته وافلڪس ۾ ٻيا ڪير شريڪ هئا، جنهن تي احمد ٻڌايو ته سندس ۽ مير رضا کان علاوه آصف ۽ عابد پڻ پارٽنر هئا.
ڪميشن هڪ دستاويز جو حوالو ڏيندي چيو ته محمد احسان انيس شمسي جو نالو پڻ موجود آهي ۽ دستاويز موجب احسان شمسي ڪاروبار ۾ 30 سيڪڙو ڀائيوار آهي.
احمد چيو ته مير رضا ڪجهه عرصو اڳ احسان کي سيڙپڪار طور متعارف ڪرايو هو ۽ احسان 45 لک رپيا روڪ ڏنا هئا.
ڪميشن سوال ڪيو ته اهي 45 لک رپيا ڪيڏانهن ويا، جنهن تي احمد جواب ڏنو ته مير رضا اها رقم پنهنجي گهر کڻي ويو هو.
مير رضا تي لکين رپين جا قرض به سامهون
احمد ٻڌايو ته مير رضا جي گمشدگي کانپوءِ حسن تنولي سميت ڪيترن ماڻهن ساڻس رابطو ڪيو.
هن موجب اسد علي بٽ ۽ مجتبيٰ پڻ فون ڪيو، جڏهن ته اسد علي جا 25 لک رپيا مير رضا کي ڏيڻا هئا ۽ حسن تنولي جا 50 لک رپيا مير رضا تي واجب هئا.
ڪميشن سوال ڪيو ته حسن تنولي، جيڪو آسٽريليا ۾ هو، ان کي ڪيئن خبر پئي ته مير رضا گم آهي؟
احمد موجب حسن تنولي فون تي ٻڌايو ته مير رضا جو نمبر بند اچي رهيو آهي ۽ سندس سوشل ميڊيا اڪائونٽ پڻ موجود نه آهي.
گرفتاري کان اڳ ضمانت ڇو ورتي؟
ڪميشن احمد کان پڇيو ته هن گرفتاري کان اڳ ضمانت ڇو ورتي.
احمد جواب ڏنو ته اسپتال ۾ مير رضا جا رشتيدار سندس بابت پڇا ڪري رهيا هئا ۽ کيس خدشو هو ته سندس گرفتاري ٿي سگهي ٿي.
احمد جي وڪيل موجب مير رضا جو والد سندس موڪل جو نالو وٺي رهيو هو، جنهن سبب گرفتاري جو خدشو پيدا ٿيو.
ڪميشن رمارڪس ڏنا ته احمد مير رضا جو ويجهو دوست ۽ ڪاروباري ساٿي هو، تنهن ڪري کيس پاڻ پوليس وٽ وڃي جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ گهرجي ها.
ڪميشن احمد کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڃا به سچ ٻڌائڻ جو موقعو موجود آهي.
احمد جواب ڏنو ته مير رضا ڪافي عرصي کان ڪرپٽو ڪرنسي جي واپار ۾ ملوث هو ۽ ڪجهه عرصي کان 20 کان 30 لک رپين تائين جي ماليت جي ڪرپٽو ٽريڊنگ ڪندو هو.
ايس ڊي پي او ارشد آفريدي به ڪميشن آڏو پيش
احمد کان پڇا ڳاڇا کانپوءِ ڪميشن ايس ڊي پي او ارشد آفريدي کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ روسٽرم تي طلب ڪيو.
ڪميشن ارشد آفريدي کان سوال ڪيو ته ڇا هو 30 ۽ 31 جولاءِ جي وچ واري رات مير رضا جي خاندان سان مليو هو؟
ارشد آفريدي جواب ڏنو ته هو ايس ايڇ او عديل افضال سان گڏ مير رضا جي خاندان سان ملڻ ويو هو.
ڪميشن سوال ڪيو ته ڇا هن خاندان کي واقعي کي خودڪشي قرار ڏيڻ بابت ٻڌايو هو؟ ارشد آفريدي اهڙي ڳالهه ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ملاقات دوران خودڪشي بابت ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي.
”توهان جاچ آفيسر نه هئا، پوءِ خاندان وٽ ڇو ويا؟“
ڪميشن وڌيڪ سوال ڪيو ته اوهان جاچ آفيسر نه هئا، پوءِ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي قانون يا اختيار تحت خاندان وٽ ويا؟
ارشد آفريدي جواب ڏنو ته هو ايس ايڇ او فيروزآباد سان گڏ ويو هو.
ڪميشن رمارڪس ڏنا ته ايس ايڇ او به ان ڪيس جو جاچ آفيسر نه هو.
ڪميشن ارشد آفريدي کان پڇيو ته هن خاندان کي ڪهڙي سي سي ٽي وي فوٽيج بابت ٻڌايو هو؟
ارشد آفريدي چيو ته ان وقت تائين هن ڪا فوٽيج نه ڏٺي هئي ۽ نه ئي خودڪشي بابت ڪا ڳالهه ڪئي هئي.
ڪميشن اهو پڻ پڇيو ته ڇا هن خاندان کي ٻڌايو هو ته لاش تي لڳل نشان سامهون کان ڇاتي ۾ لڳل هئا؟ ارشد آفريدي اهڙي ڳالهه ڪرڻ کان پڻ انڪار ڪيو.
ايپل واچ پوليس حوالي ڪرڻ بابت بيان
ارشد آفريدي ٻڌايو ته سندس موجودگي ۾ مير رضا جي خاندان ايپل واچ ايس ايڇ او حوالي ڪئي هئي.
جبران ناصر سوال ڪيو ته جيڪڏهن ايس ايڇ او جو ڪيس سان ڪو واسطو نه هو ته پوءِ کيس معطل ڇو ڪيو ويو؟
ارشد آفريدي جواب ڏنو ته سندس سامهون ايس ايڇ او به سي سي ٽي وي يا خودڪشي بابت ڪا ڳالهه نه ڪئي هئي.
جبران ناصر چيو ته ايس ايڇ او پنهنجي موبائل فون تي خاندان کي وڊيو ڏيکاري هئي.
ارشد آفريدي چيو ته سندس خيال ۾ ايس ايڇ او وافلڪس مان پستول ڪڍڻ واري وڊيو ڏيکاري هئي.
مير رضا جي والده جو مختلف موقف
ڪميشن ارشد آفريدي جي بيان دوران رمارڪس ڏنا ته سندس معطلي باوجود اهڙو بيان سامهون اچي رهيو آهي.
ٻئي طرف مير رضا جي والده ڪميشن کي ٻڌايو ته ايس ايڇ او وافلڪس سميت ٻين هنڌن جون وڊيوز کين ڏيکاريون هيون.
مير رضا جي والدہ موجب پوليس اهلڪارن وڊيو ڏيکاريندي چيو هو ته ”هي ڏسو، مير رضا اڪيلو وڃي رهيو آهي.“
اهڙيءَ ريت ڪميشن آڏو ايس ڊي پي او ارشد آفريدي ۽ مير رضا جي خاندان جي بيانن دوران پوليس جي ڪارروائي، سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ مير رضا جي موت بابت شروعاتي معلومات جي حوالي سان مختلف دعوائون ۽ تضاد سامهون آيا.
ڪميشن جي پڇا ڳاڇا دوران ڪاروباري پارٽنرشپ، مالي ڏيتي ليتي، سي سي ٽي وي فوٽيج، ايپل واچ، وينڊرز جي ادائيگين ۽ مير رضا جي ذاتي ۽ مالي معاملن بابت ڪيترائي اهم سوال پڻ سامهون آيا، جن جا حتمي نتيجا ڪميشن جي جاچ ۽ رپورٽ کانپوءِ واضح ٿيندا.