ڪراچي (بيورو رپورٽ): لاڙڪاڻي ۾ 600 بسترن تي ٻڌل جديد اسپتال جي تعميراتي منصوبي کي مقرر مدي اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. اسپتال منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ منصوبي کي جولاءِ 2028ع تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو.
اجلاس ۾ وڏي وزير اسپتال جي تعميراتي ڪم جي رفتار، معيار ۽ منصوبي ۾ حائل انتظامي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته سموريون رڪاوٽون فوري طور ختم ڪري منصوبي کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي.
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، صحت کاتي جي سيڪريٽري طاهر سانگي، پروجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ، پيراگون ڪنسٽرڪٽرز، اي اي ڪنسلٽنگ، لينگڊن ولسن انٽرنيشنل جي نمائندن سميت ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا.
اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻي ۾ 600 بسترن واري اسپتال جي منصوبي تي تعميراتي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ هن وقت تائين 94 سيڪڙو پائلنگ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.
بريفنگ موجب اسپتال جي منصوبي تي 24 ڪلاڪ تعميراتي سرگرميون جاري آهن، جڏهن ته هن وقت تائين منصوبي تي هڪ ارب 86 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي چڪي آهي.
600 بسترن واري جديد اسپتال ۾ ايمرجنسي، آءِ سي يو، جديد آپريشن ٿيٽرز ۽ جديد تشخيصي سهولتون قائم ڪيون وينديون. اسپتال ۾ جديد آءِ ٽي سسٽمز ۽ ڊجيٽل ميڊيڪل رڪارڊز جي سهولت پڻ فراهم ڪئي ويندي، جنهن سان مريضن کي جديد ۽ بهتر طبي خدمتون ڏيڻ ۾ مدد ملندي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هي اسپتال رڳو لاڙڪاڻي شهر تائين محدود نه رهندو، پر ڀرپاسي جي ضلعن ۽ پوري علائقي جي لکين ماڻهن لاءِ جديد علاج ۽ طبي سهولتن جو اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته عوام کي معياري ۽ جديد طبي سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اهم ترجيحن مان هڪ آهي، تنهنڪري اسپتال جي تعمير ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي.
هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته منصوبي جي تعميراتي معيار کي يقيني بڻائڻ سان گڏ ڪم جي رفتار به تيز ڪئي وڃي ۽ جيڪي به انتظامي يا ٻيا مسئلا منصوبي جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن، انهن کي فوري طور حل ڪيو وڃي.
وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي خاص طور تي هدايت ڪئي ته لاڙڪاڻي اسپتال منصوبي سان لاڳاپيل انتظامي مسئلا ترت حل ڪرايا وڃن، جيئن تعميراتي ڪم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهي.
سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته اسپتال جي عمارت مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي طبي عملي، ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٻين اسٽاف جي مقرري سان گڏ جديد طبي سامان جي خريداري ۽ فراهمي لاءِ به اڳواٽ منصوبابندي ڪئي وڃي.
هن چيو ته اسپتال کي عالمي معيار موجب تعمير ڪيو وڃي ۽ ان کي جديد طبي مشينري ۽ سامان سان ليس ڪيو وڃي، جيئن عمارت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عوام کي فوري طور تي معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن.
وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت صحت جي شعبي ۾ تاريخي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جي عوام لاءِ صحت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
هن چيو ته لاڙڪاڻي جو 600 بسترن وارو جديد اسپتال نه رڳو شهر پر سڄي علائقي لاءِ هڪ اهم طبي مرڪز ثابت ٿيندو ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ سان لکين ماڻهن کي جديد علاج جون سهولتون سندن علائقي ۾ ئي ميسر ٿي سگهنديون.
سنڌ حڪومت موجب عوامي صحت جي نظام کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ وڏن صحت منصوبن تي ڪم جاري رکيو پيو وڃي، جن مان لاڙڪاڻي جو 600 بسترن وارو اسپتال پڻ سنڌ جي اهم صحت منصوبن ۾ شامل آهي.