لاهور(ويب ڊيسڪ): پاڪستاني اداڪارا مومنه اقبال کي مبينا طور هراسان ڪرڻ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جاچ آفيسر مسلم ليگ (ن) جي پنجاب اسيمبلي ميمبر ثاقب چڍڙ ۽ سندس گهرواري سميـرا کي في الحال بي قصور قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
لاهور جي سيشن عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اين سي سي آءِ اي جي جاچ آفيسر ثاقب چڍڙ ۽ سندس گهرواري بابت جاچ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ٻنهي جي گرفتاري گهربل ناهي.
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اين سي سي آءِ اي ڪيس جي جاچ تبديل ڪري نئين گڏيل تحقيقاتي ٽيم (JIT) جوڙي هئي، جنهن کانپوءِ معاملي جي ٻيهر جاچ ڪئي وئي.
جاچ رپورٽ ۾ ثاقب چڍڙ ۽ سندس گهرواري سميـرا کي في الحال بي قصور قرار ڏيڻ کانپوءِ ثاقب چڍڙ پنهنجي عبوري ضمانت واپس وٺي ڇڏي.
عدالت درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ثاقب چڍڙ ۽ سندس گهرواري سميـرا جون ضمانت واريون درخواستون اڪلائي ڇڏيون.
ٻڌڻي دوران اداڪارا مومنه اقبال پڻ پنهنجي وڪيل عدنان احسان سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي.
مومنه اقبال جي وڪيل جاچ رپورٽ تي اعتراض ڪندي موقف اختيار ڪيو ته اين سي سي آءِ اي فريادي کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪيس جي جاچ تبديل ڪئي.
وڪيل الزام لڳايو ته نئين جاچ آفيسر مبينا طور مڪمل تحقيقات کانسواءِ ئي ثاقب چڍڙ ۽ سندس گهرواري کي ڪليئر قرار ڏنو آهي.
هن عدالت کي درخواست ڪئي ته ڪيس جي جاچ واري عمل ۽ جوابدارن کي بي قصور قرار ڏيڻ واري فيصلي جو جائزو ورتو وڃي.
ياد رهي ته اين سي سي آءِ اي اداڪارا مومنه اقبال جي فرياد تي مسلم ليگ (ن) جي پنجاب اسيمبلي ميمبر ثاقب چڍڙ خلاف هراسان ڪرڻ ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو هو.
تازو جاچ رپورٽ ۾ ثاقب چڍڙ ۽ سندس گهرواري سميـرا کي في الحال بي قصور قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مومنه اقبال جي وڪيل پاران جاچ جي طريقيڪار تي اعتراض پڻ سامهون آيو آهي.