ڪراچي ۾ عورت پنهنجي ٻن ٻارن کي ذبح ڪرڻ بعد اڳوڻي مڙس کي وڊيو ڪال به ڪئي، پوليس جاچ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

فہرستِ مضامین

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جَي علائقي ڊفينس ۾ ٻن ٻارڙن کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل جوابدار عورت ماءُ بابت ايف آءِ آر ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب واقعو 2 ڏينهن اڳ خيابان مجاهد ۾ پيش آيو، جتي عورت پنهنجي ٻن ٻارڙن کي زبح ڪيو هو، درخشاں ٿاڻي تي اديبه نالي عورت جي خلاف سندس اڳوڻي مڙس غفران جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار عورت پنهنجي 8 ورهين جي پٽ ضرار ۽ 4 ورهين جي سميحه کي قتل ڪري ڊفينس فيز 8 جي قبرستان ۾ دفنايو.

پوليس موجب، قتل جو طريقو ايترو وحشيانه هو جو پوليس آفيسر کي به ڏندي آڱريون اچي ويون.

قتل ٿيل ٻار ماءُ وٽ ويا ھئا، عورت وڊيو ڪال به ڪئي

ٻارن جي پيءُ غفران پوليس کي ٻڌايو ته مقتول ٻار پنهنجي ماءُ وٽ ويا ھئا، 14 آگسٽ تي لڳ ڀڳ اڍائي وڳي اديبه فون ڪئي ۽ پڇيو ته: ”ڇا توکي خبر آهي ته مون ڇا ڪيو آهي؟

جڏهن غفران چيو “نه”، ته اديبه وڊيو ڪال ڪئي ۽ ڏيکاريو ته هن پنهنجن ٻارن کي ذبح ڪري ڇڏيو آهي، پوليس موجب ٻارن کي سمهڻ وقت نه، پر جاڳندي ماريو ويو. ماءُ، گھر جي ڪچن مان کنيل ڇري سان پهرين پٽ ۽ پوءِ ڌيءَ کي واش روم ۾ ذبح ڪيو ۽ پوءِ انهن جا لاشن ڪمري ۾ پنهنجي گوڏي تي رکي ويهي رهي.

عورت طلاق کانپوءِ ذهني دٻاءُ جو شڪار هئي

پوليس جي شروعاتي جاچ رپورٽ موجب، اديبه ڌيءَ ۽ پٽ بابت هلندڙ عدالتي مامرن ۽ طلاق کانپوءِ سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار هئي.

پوليس ٻڌايو ته عورت جي شادي 9 سال اڳ غفران سان ٿي هئي ۽ کيس ذهني بيماري به آهي، جنهن ڪري کيس دورا به پون ٿا. انهيءَ ئي سبب غفران گذريل سال سيپٽمبر ۾ کيس طلاق ڏني ۽ عدالت ٻارن جي حوالگي والد حوالي ڪئي.

واردات بعد عورت پنهنجي مڙس ۽ ڪجهه رشتيدارن کي ميسيج موڪليو، جنهن سان ٻارن جون تصويرون به شيئر ڪيون، ۽ لکيو ته: “مون پنهنجي ٻارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

جوابدار عورت جو واسطو پنجاب سان آهي

پوليس موجب، اديبه جو واسطو لاهور سان آهي، جڏهن ته سندس اڳوڻو مڙس غفران هڪ خانگي ڪمپني ۾ اعليٰ عهدي تي مقرر آهي. اديبه هڪ گهريلو عورت آهي ۽ ڊفينس واري بنگلي ۾ اڪيلي ڪرائي تي رهندي هئي. غفران مختلف وقتن تي ٻارن کي ماءُ سان ملڻ لاءِ موڪليندو هو، ۽ ان ڏينهن به ٻار ماءُ سان ملڻ ويا هئا، پر پوءِ اهو اندوهناڪ واقعو پيش آيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں