ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ پوليس جي ملڪيتن جي موجوده صورتحال، سارسنڀال ۽ ڀاڙي تي ڏنل ملڪيت بابت اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي صدارت هيٺ اسٽيٽ مينيجمينٽ جي ڪارڪردگي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس جي ملڪيتن جي انتظامي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس دوران آءِ جي سنڌ، سنڌ پوليس جي سمورين ملڪيتن جو جامع ۽ تفصيلي سروي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.
پوليس ملڪيتن جي مڪمل تفصيل، تصويرون ۽ وڊيوز هڪ مرڪزي ڊيٽا سينٽر ۾ گڏ ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.
آءِ جي سنڌ ملڪيتن جي سار سنڀال، مرمت ۽ حفاظت لاءِ جامع ايس او پيز ۽ پاليسي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس ۾ ڪرائي تي ڏنل سمورين ملڪيتن جي ڪرائيدارن سان نوان ڪرائي ناما ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته پوليس ملڪيتن جي ڪرائي جو موجوده مارڪيٽ ريٽ موجب نئين سر تخمينو لڳايو وڃي.
اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ پوليس جي ڪنهن به ملڪيت کي ڪرائي تي ڏيڻ کان اڳ اسٽيٽ مينيجمينٽ ڪميٽي جي منظوري لازمي هوندي.
اختيارين موجب نئين نظام جو مقصد سنڌ پوليس جي ملڪيتن جو رڪارڊ وڌيڪ منظم ڪرڻ، انهن جي حفاظت ۽ سارسنڀال بهتر بڻائڻ سان گڏ ڪرائي جي معاملن ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ آهي.