ڪراچي ۾ پوليس ورديون پائي شهرين کي اغوا ڪندڙ ٽولي جا 4 جوابدار گرفتار، نينگر بازياب

فہرستِ مضامین

ڪراچي(رپورٽ: اسحاق سرڪي)  

پاڪستان رينجرس شهرين جَي اغوا واقعن ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جِي دعويٰ ڪئي آهي.

رينجرز پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي جي علائقي ايم اي جناح روڊ وٽ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

رينجرز ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي، جنهن دوران سندن قبضي مان 15 ورهين جو مغوي نينگر به بازياب ڪرايو ويو  آهي.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ عامر علي، بلال، علي ۽ فيصل رانه شامل آهن، جن جَي قبضي مان پوليس يونيفارم، غيرقانوني هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

” ڏوهي وارداتن ۾ مدد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا “

ترجمان موجب جوابدار جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته اغوا وارداتن ۾ سندن ٻيا ٽي ساٿي به ملوث آهن، جن جا وڌيڪ تفيصل حاصل ڪري کين گرفتار ڪيو ويندو.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار پوليس اهلڪارن جي وردي پائي وارداتون ڪندا آهن ۽ شهرين کي اغوا ڪندا رهيا آهن، نينگر جي اغوا واردات وقت به پوليس وردي استعمال ڪئي وئي هئي.

رينجرز ترجمان موجب جوابدارن نينگر کي اغوا ڪري کيس ڪيترن ڏينهن تائين تشدد جو نشانو بڻايو، وارثن سان رابطا به ڪيا ويا، ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوارن نينگر جي بازيابي عمل ۾ آئي.

سنڌ رينجرز پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته بازياب ڪرايل نينگر جَي وارثن سان رابطو ڪيو ويو آهي، قانوني ڪارروائي بعد مغوي نينگر وارثن حوالي ڪيو ويندو.

” جوابدار پوليس ورديون پائي شهرين کي اغوا ڪندا رهيا آهن “

ترجمان موجب گرفتار جوابدار گلزاره گينگ ليڊر جا ويجها ساٿي آهن، جيڪي سنگين ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن، جڏهن ته فرار ٿي ويل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هيا پيا وڃن

رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدارن خلاف جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي تي 3 ڪيس داخل ٿيل آهن، کين وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦر توڙي اغوا واقعن ۾ شهري الزام هڻندا رهيا آهن ته واردات وقت جوابدارن کي پوليس وردي پهريل هوندي آهي، رينجرز جي اڄوڪي پڌرائي ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ هڪ اهڙو ٽولو سرگرم آهي، جيڪو وارداتن ۾ پوليس وردي ۽ هٿيار استعمال ڪري ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں