شطرنج جي دنيا ۾ نئين تاريخ رقم

فہرستِ مضامین

10 سالن جي برطانوي ڇوڪري بوڌنا شيوانندن شطرنج جي گرينڊ ماسٽر کي شڪست ڏيندڙ دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر واري ڇوڪري جو اعزاز ماڻي ورتو آهي.

لنڊن سان تعلق رکندڙ بوڌنا شيوانندن، ليوَرپول ۾ ٿيل برطانوي شطرنج چيمپيئن شپ 2025 جي فائنل رائونڊ ۾ 60 ورهين جي گرينڊ ماسٽر پيٽ ويلز کي شڪست ڏني.

انٽرنيشنل چيس فيڊريشن جي انگن اکرن موجب، شيوانندن 10 سال، 5 مهينا ۽ 3 ڏينهن جي عمر ۾ هي اعزاز حاصل ڪيو ۽ آمريڪي رانديگر ڪريسا يپ جو قائم ڪيل رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، جنهن 2019ع ۾ 10 سال، 11 مهينا ۽ 20 ڏينهن جي عمر ۾ گرئنڊ ماسٽر کي شڪست ڏني هئي.

شيوانندن هاڻي خواتين جي انٽرنيشنل ماسٽر جو لقب حاصل ڪري ورتو آهي، جيڪو “خاتون گرئنڊ ماسٽر” کان هڪ درجو هيٺ آهي.

هاڻي اچون ٿا عالمي مقابلن ڏانهن

سال 2024 ۾ ورلڊ چيس چيمپيئن شپ سنگاپور ۾ ٿي، جتي چين جي ڊِنگ ليرن مقابلو ڪي، هي ايونٽ 25 نومبر کان 13 ڊسمبر تائين جاري رهيو.

عورتن جي عالمي شطرنج چيمپيئن شپ 2025 چين جي شهرن شنگھائي ۽ چونگ قِنگ ۾ ٿي، جتي جو وِن جن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابي حاصل ڪئي.

ايندڙ وڏو ايونٽ ورلڊ ڪپ 2025 آهي، جيڪو ڀارت ۾ 31 آڪٽوبر کان 27 نومبر تائين ٿيندو، جنهن ۾ دنيا جا 200 کان وڌيڪ بهترين رانديگر حصو وٺندا.

ان سان گڏ، تيز ۽ جلدي وارين چالن جا مقابلا يعني ريپڊ ۽ بليٽز چيمپيئن شپ به هر سال ٿيندي آهي، جيڪا 2024 جي آخر ۾ نيويارڪ ۾ ٿيڻ واري آهي.

اهڙيءَ ريت چئي سگهجي ٿو ته شطرنج جا هي عالمي مقابلا صرف رانديون نه آهن، پر اصل ۾ دماغي جنگون آهن، جتي هر هل تاريخ لکي ٿي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں