بليڪ ميلنگ الزام ۾ گرفتار ٽڪ ٽاڪر عدالت ۾ پيش: لڳي ٿو نصر الله گڏاڻي جيان مارجي ويندس: جنيد جون دانهون

فہرستِ مضامین

ايف آءِ اي سکر جي سائبر ڪرائيم ٽيم ڪراچي مان گرفتار ڪيل ٽڪ ٽاڪر جنيد جاني کي سکر جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ٽيم جنيد جاني کي فرسٽ سول جج عبدالحميد خلجي جي عدالت آڏو پيش ڪيو.

سائيبر ڪرائيم ٽيم پاران جاچ آفيسر الطاف حسين سوڍر پيش ٿي ٽڪ ٽاڪر جي 14 ڏينھن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.

عدالت جنيد جاني کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي انويسٽيگيشن ٽيم حوالي ڪري ڇڏيو.

سکر جي وڪيلن ذوالفقار ملاڻو، آغا صورت، عبدالصمد نوناري، سرتاج حيدر، الطاف شاھ ۽ ٻين جنيد جاني طرفان وڪالت نامه جمع ڪرايا.

وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت جنيد جاني جو 5 ڏينھن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو، عدالت پاران منظور ڪيل جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد جوابدار کي ايف آءِ اي ڪورٽ سکر ۾ پيش ڪيو ويندو.

” عدالتي ۾ پيشي وقت جنيد جاني دانهون ڪندو رهيو “

عدالت ۾ پيشي وقت جنيد جاني دانهون ڪندي چيو ته مون کي به صحافي نصرالله گڏاڻي جيان قتل ڪيو ويندو.

ھن چيو تھ وڏيرا ۽ سردار مون کي مارائڻ چاهين ٿا. وڪيل برادري منهنجي مدد ڪري انصاف ڏياري.

ياد رھي تھ جنيد جاني کي ايف آءِ اي سکر جي ھڪ ٽيم گذريل ڏينھن ڪراچي پوليس جي مدد سان اصفھاني روڊ تان ڊرامائي انداز ۾ گرفتار ڪيو ھو.

شڪارپور واسي عبدالصبور ميمڻ نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي جي پوليس اسٽيشن سکر ۾ جنيد جاني خلاف ڪيس داخل ڪرايو ھو.

عبدالصبور ميمڻ ايف آءِ آر ۾ الزام ھنيو ته ٽڪ ٽاڪر بشير عرف جنيد جاني بليڪ ميلنگ ذريعي ھن کان 44 لک رپيا وصول ڪيا ۽ سندس اعتراض جوڳيون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيون.

ڪيس داخل ٿيڻ بعد ايف آءِ اي جي انسپيڪٽر امير علي کوسو ڪراچي پوليس جي ھڪ ٽيم سان گڏ ڪراچي جي اصفھاني روڊ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي ٽڪ ٽوڪر جنيد جاني کي گرفتار ڪيو.

” جنيد جاني ايف آءِ اي اهلڪار کي ڪات هنيو “

جنيد جاني گرفتاري وقت مزاحمت ڪندي مبينا طور ڪات سان حملو ڪري ھڪ اھلڪار کي زخمي ڪيو ۽ پاڻ بھ زخمي ٿي پيو، اھلڪار تي حملي جو سندس خلاف ھڪ وڌيڪ ڪيس بھ داخل ڪيو ويو آھي.

ٽڪ ٽاڪر جنيد جاني سان گڏ ايف آءِ آر ۾ ريشمان نالي ھڪ عورت کي بھ نامزد ڪيو ويو آھي، جنيد جاني سان گڏ فھميدھ، غزالھ ۽ ڪائنات کي بھ گرفتار ڪيو ويو آھي.

جنيد جاني کي ايف آءِ اي سکر جي ٽيم ۽ ڪراچي جي مبينا ٽائون ٿاڻي جي پوليس پاران گڏيل ڪارروائي دوران گرفتار ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں